ايس آءِ يو تحويل ۾باندي جو موت: ايف آءِ اي ڪيس چيلنج  

ايس آءِ يو تحويل ۾باندي جو موت: ايف آءِ اي ڪيس چيلنج  

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايس آءِ يو پوليس جي حراست ۾ فوت ٿيل نوجوان عرفان واري ڪيس ۾ گرفتار اي ايس آءِ عابد شاهه ايف آءِ اي جي نئين ڪيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ چيو آهي ته ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ٻيو ڪيسن غير قانوني قرار ڏنو وڃي، اعليٰ عدالتن جا فيصلا موجود آهن ته هڪ واقعي جا هڪ کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿي نٿا سگهن، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا ريگيولر بينچ آرٽيڪل 199 تحت رليف ڏئي سگهي ٿي؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 26 هين آئيني ترميم بعد ريگيولر بينچ ڊڪليريشن ڏئي سگهي ٿي، عدالت چيو ته آئيني ترميم کانپوءِ ريگيولر بينچ هن قسم جي درخواست تي ڊڪليريشن نٿو ڏئي سگهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ٺيڪ آهي، اسان 27 هين ترميم جو انتظار ڪنداسين، درخواستگذار جي وڪيل جي جواب تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا مچي ويا، عدالت ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.