ايس ايس پي جي ڌمڪي بعد سردار تيغو خان تيغاڻي ڪنڌڪوٽ پهچي ويو

جُولاءِ 9, 2023

ڪشمور(رپورٽ: شريف ڄامڙو)ايس ايس پي عرفان سمون جي اهڙي الٽيميٽم بعد سردار تيغو خان تيغاڻي ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ پهچي ويو سندس چوڻ آهي ته تيغاڻي هائوس ۾ ويٺو آهيان، عرفان سمون گرفتار ڪرڻ جو شوق پورو ڪري

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي سردار تيغو خان تيعاڻي چيو ته مون هر وقت ضلعي جي عوام جي مدد ڪئي آهي بيانن سان ڍيڄاري نٿو سگهجي

سندس چوڻ هو ته پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن ڪرڻ بجاءِ معتبرن کي ڀل گرفتار ڪري، الله ڀلائي ڪندو، آءُ پنهنجي عوام سان گڏ آهيان ۽ هميشه رهندس

سردار تيغي خان وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي افواهون هلي رهيون آهن ته منهنجي پٽن کي گرفتار ڪيو ويو اها ڪوڙ تي مبني پروپيگنڊا مون خلاف ٿي رهي آهي، شهري اهڙين افواهن کان پاسو ڪن

لاڳاپيل پوسٽون

  • سون سستو ٿي ويو

  • جھول ويجهو ناري رنبا هڻي قتل

  • جيڪب آباد ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو

  • پريا ڪماريءَ جي بازيابي خواب