ايس ايس پي خيرپور کي مريم توپ جي سلامي ڏياريو! … اشفاق لغاري

                 ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ٽنڊو مستي ۾ پنهنجي ويڙهي جي وچ چوڪ تي رت جي ويجهن رشتن هٿان ڪاري قرار ڏئي گولين جو کاڄ بڻايل 22 سالن جي نوجوان شادي شده نياڻي خالده عرف روبينا چانڊيو جي قتل ڪيس جي ايف آئي آر ورائي ورائي پڙهڻ جهڙي آهي. هن ايف آئي آر تي خيرپور ميرس جي ڦڙتيلي ايس ايس پي امير سعود مگسي، ٽنڊو مستي ٿاڻي جي معطل ۽ بي ڪمپني ٿيل ايس ايڇ او هڪڙو ۽ ٿاڻي جي ٻي ٽيم کي مريم توپ جي سلامي ملڻ گهرجي. سنڌ اندر ڪابه ايف آئي آر ايس ايس پي جي منظوري کانسواءِ داخل ناهي ٿيندي. هن هائي پروفائل قتل ڪيس جي ايف آئي آر به لازمي آهي ته خيرپور ميرس جي پوليس ڪمانڊ سنڀاليندڙ سربراهه جي مرضي کانسواءِ نه ٿي هوندي. صاحب کي جيڪڏهن فرصت ملي هوندي ته هن واقعي جي تقريبن يارنهن ڏينهن جي وچ ۾ ڪنهن گهڙيءَ ايف آئي آر جو پنو ضرور نظر مان ڪڍيو هوندو. جوابدارن جا گهر ڊاهڻ واري انتقامي ۽ رد عمل واري ڪارروائي ڪرائڻ کان وٺي پنهنجن هٿان ماريل نياڻي جي قبر تي دعا جا هٿ کڻي ايس ايس پي صاحب داد وصول ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. بهتر جاچ ڪرڻ ۽ ڪيس جا شاهد گڏ ڪرڻ بجاءِ اسانکي ايس ايس پي صاحب وڌيڪ اهو به ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مرڪزي جوابدار ڦاسيءَ جي سزا کان بچي نه سگهندا ۽ صاحب انهن کي ڦاسي ڏياري پوءِ سڪون جي ننڊ سمهندو، اهڙي متحرڪ ۽ جوابدارن خلاف سخت رويو رکندڙ پوليس آفيسر جو ڇا ايترو به حق نٿو ٿئي ته هن جي آفيس ويجهو پيل مريم توپ جي کيس سلامي ڏياري وڃي. انهيء سلاميءَ واري تقريب ۾ ڪارو ڪاري تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ مقامي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاه ۽ وساڻن جو هجڻ لازمي آهي، جن جي مرضي کانسواءِ اڳوڻي رياست خيرپور ميرس ۾ ڪو ڪامورو شايد پر به نٿو هڻي سگهي.

 ٽنڊو مستي ٿاڻي تي گناه نمبر 82 داخل ٿيل آهي. ڏهين اپريل 2026 تي رات جو ٽي لڳي 30 منٽن تي ايف آئي آر داخل ٿيل آهي. هي ايف آئي آر پڙهي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ پوليس جي ڏوهارين کي سزائن ڏيارڻ ۽ ڪيس ٺاهڻ ۾ ڪيتري سنجيدگي ۽ دلچسپي آهي.

ايف آئي آر جي متن مطابق ٽنڊو مستي پوليس رات جو گشت تي نڪتل هئي. پوليس فيض واهه اسٽاپ تي پهتي، جتي اطلاع مليو ته  ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ جوابدار قيصر،  پهلوان، غلام عباس عرف باجو چانڊيو وارا ولي محمد چانڊيو جي بڇ تي مسمات خالده زال راشد ڌيءَ محمد رمضان چانڊيو تي نالي صدام ولد محمد علي چانڊيو سان ڪارپ (يعني ڪاري) جي الزام ۾ پڪڙي ماري رهيا آهن. پوليس ايڏي مستند ۽ واضح اطلاع تي پهتي، ايف آئي آر مطابق ”موبائل جي لائيٽ جي روشني تي ڏٺو ته چار مڙس، جن مان ٽن جي هٿن ۾ پسٽل ۽ هڪ لٺ سان بيٺل هئا، اتي هڪ عورت بيٺي هئي… جوابدارن کي پي سي محمد رفيق ڪاٺيو ڏسي سڃاتو.. ايف آئي آر مطابق پوليس وارن موبائل مان لهي جوابدارن کي هڪل ڪئي ته فائر نه ڪجو…. پوليس جي تحريري گواهي مطابق جوابدارن پوليس جي موجودگيءَ دوران نياڻيءَ جي مٿان فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

هن سڄي واقعي جي هجوم ۾ شريڪ ڪنهن ماڻهوءَ وڊيو ڀري آهي. انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي صارفين جي لامحدود انگ اها وڊيو ڏٺي آهي. سنڌ مان ته گهڻن ماڻهن ضرور ڏٺي آهي. پسٽل ڪيئن لوڊ ڪيو پيو وڃي، ڪيئن نياڻيءَ کي پڪڙيو پيو وڃي ۽ ڪيئن مٿس فائر ڪيا ٿا وڃن. اها وڊيو لازمي آهي ايس ايس پي خيرپور، آئي جي سنڌ ۽ گهرو وزير صاحب تائين به پهتي هوندي ۽ انهن مان ڪنهن ضرور ڏٺي به هوندي.

سنڌ ۾ اهڙو ئي هڪ ڪيس وڏي وزير جي چونڊ تڪ ڀان سيد آباد جي اسڪول ٽيچر نورين مهر جو آهي. نورين مهر کي به ساڳي ماءُ جي پيٽ مان ڄاول ۽ هڪڙي ئي ناڙي مان ڪٽي ڌار ڪيل ڀائرن، والد ۽ شايد چاچي ائين کٽ سان ٻڌي ڪاري ڪري قتل ڪيو هو، جنهن جي ڪيس جي پيروي نياڻي جو نڪاح وارو نوجوان منصور سومرو ڪري رهيو آهي. نورين ۽ خالده چانڊيو جو ڪيس گڏائي ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

سنڌ ۾ پوليس آفيسرن کي ايتري فرصت ناهي جو هو سنگين نوعيت جي ڪيسن جي ايف آئي آر جو هڪ دفعو متن ڏسي وٺن، وڏن ۽ ننڍن منشين، ايس ايڇ اوز ۽ پنهنجي هيٺئين عملي جي حوالي اهڙا معاملا ڪري انهن کي نااهل قرار ڏياري سزائون کارائي ۽ پاڻ صرف کٽيو ويٺا کائين. خيرپور ميرس جي ايس ايس پي خالده چانڊيو جي قتل ڪيس جي ايف آئي آر جيڪڏهن ناهي پڙهي ته هاڻي ڏسي وٺي ته واقعي جي وقت ۽ ايف آئي آر ڪٽجڻ جي وقت وچ ۾ ڪيتري وٿي آهي. پوليس کي اطلاع ملڻ، گولي هلڻ ۽ ايف آئي آر داخل ٿيڻ جو وقت جڏهن عدالت ۾ وڪيل اچي جج کي پڙهائيندا ۽ ٻڌائيندا، اڌ ڪيس انهيء وقت ئي لڏي ويندو. گذريل سال ايڇ آر سي پي جي رپورٽ آيل آهي ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ پوليس جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته ڪارو ڪاري جي ڪيسن ۾ سزائون تمام گهٽ ٿين ٿيون. سزائون ڇا اهڙين ايف آئي آرز ۽ ٺاهيل ڪيسن تي ٿينديون؟

نياڻي جي والد محمد رمضان چانڊيو جي مطابق وارثن ايف آئي آر داخل ڪرائڻ چاهي، مگر ٽنڊو مستي ٿاڻي جي ايس ايچ او چيو اسان سرڪار طرفان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪيس ۾ ايف آئي آر جي باري ۾ ڇوڪريءَ جي وارثن جي بيانن ۽ پوليس جي دعوائن ۽ جوابن کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار صاحب معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او کي معطل ڪرائي بي ڪمپني ڪرايو آهي پر هن کي گهرجي ته آئي جي سنڌ کان به ايف آئي آر هڪ دفعو پڙهائي، پاڻ به پڙهي، متان انهن مان به ڪو مريم توپ جي سلاميءَ جو حقدار هجي.