پيرو لاشاري ويجهو هارپي واري ٻني ۾ جهوپڙي ٺاهڻ تان با اثر زميندار هٿان قتل ٿيل نوجوان ڪيلاش ڪولھيء جو قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف بدين ۾ ٻن ڏينهن کان سخت سيءَ ۾ لڳل ڌرڻي جي حوالي سان اھي خبرون آھن ته آل پاڪستان ڪولھي اتحاد سان ايس ايس پي جي ڳالھين کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي قاتل جي گرفتاري لاءِ ھڪ ھفتي جي مھلت ورتي آهي. ايس ايس پي بدين، ميڊيا سان سان ڳالهائيندي مھلت ڏيڻ تي ڌرڻي وارن جا ٿورا مڃيندي چيو آھي ته، دعا ڪجو ته قاتل جلد گرفتار ٿئي. ھي سٽون لکجڻ تائين ڪيلاش ڪولھيء جي امڙ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو.
سنڌ ڪڏهن به اھڙي نه ھئي، جو عوام جي ٽيڪسن تي چٽي بڻيل پوليس جي نااهل نفريء کان ھڪ قاتل گرفتار نه ٿي سگھي ۽ ايس ايس پي ڌرڻي ۾ مھلت جي جھول جھلي اجلاس ڪري. ايس ايس پي اھا ٻيو ڀيرو مھلت ورتي آهي. پھرين چوويھن ڪلاڪن جي مھلت ورتي هئي ۽ ان وقت ۾ قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي جڏهن وڏي پئماني تي ڌرڻو لڳو ته ايس ايس پي وري مھلت لاءِ پھچي ويو. گھرو وزير بي خاطري ڪرائي ته قاتل جلد گرفتار ٿيندو. قاتل کي شايد سليماني ٽوپي پاتل آھي، جو پوليس کي نظر نٿو اچي. ايس ايس پي جو زور ان ڳالھ تي آھي تہ، دعا ڪجو ته قاتل جلد گرفتار ٿئي. جي دعائن سان قاتل ۽ ڏوھاري گرفتار ٿين ته پوءِ پوليس جي ڪھڙي ضرورت آهي!
ڪيلاش ڪولهي جو قتل رڳو هڪ فرد جو قتل ناهي، اهو سنڌ ۾ رياستي نااهلي، پوليس جي بي حسي ۽ حڪمراني جي مڪمل ناڪاميءَ جو کليل ثبوت آهي. هي واقعو سنڌ جي انهن هزارين مظلوم ڪهاڻين مان هڪ آهي، جيڪي هر روز جنم وٺن ٿيون ۽ انصاف جي انتظار ۾ دفن ٿي وڃن ٿيون. بدين ۾ ٿيندڙ شديد احتجاج ان ڳالهه جو اعلان هو ته عوام هاڻي خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهي، پر افسوس، اهي احتجاج به سنڌ جي بي حس حڪمرانن ۽ ناڪام انتظاميا لاءِ ڪا حيثيت نٿا رکن. پوليس جي ڪارڪردگي رڳو سکڻن ڏٽن ۽ ڪاغذي ڪارروائين تائين محدود رهي آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پوليس پنهنجو بنيادي فرض، يعني ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ، نڀائي نٿي سگهي ته پوءِ اها ڪهڙي خدمت انجام ڏئي رهي آهي؟ ڇا سنڌ پوليس جو ڪم صرف احتجاج ڪندڙن تي لٺيون وسائڻ ۽ بيگناهن کي حراست ۾ وٺڻ رهجي ويو آهي؟ ان کان به وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه اها آهي ته هتي عوام کي احتجاج ڪرڻو پوي ٿو ته جيئن پوليس کي ياد ڏيارجي ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ سندس ذميواري آهي. انصاف لاءِ روڊن تي نڪرڻ، ڌرڻا هڻڻ، نعرا هڻڻ ۽ گرفتاريون ڏيڻ هن سماج جو معمول بڻجي ويو آهي. اهو ڪهڙو نظام آهي جتي رياستي ادارا تڏهن جاڳن ٿا، جڏهن عوام انهن کي احتجاج ڪري جاڳائي. اهڙي طرز حڪمراني کي آخر ڪهڙو نالو ڏجي؟ ڇا هي قانون جي حڪمراني آهي يا لاقانونيت جو راڄ؟ ڇا هي جمهوري نظام آهي يا طاقتور طبقي جي مفادن جو تحفظ؟ سنڌ جا حڪمران هاڻي مڪمل طور “احتجاج- پروف” ٿي چڪا آهن. هتي هزارين ماڻهو روڊن تي نڪرن، هفتن جا هفتا ڌرڻا ٿين، شهر بند ٿين، تڏهن به حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ نٿي سُري. هي نظام عوام لاءِ نه، پر قاتلن، ڀوتارن ۽ طاقتور مافيا لاءِ ڪم ڪري ٿو.
سنڌ جي انتظاميا لاءِ عوام جي جان، عزت ۽ حقن جي ڪا اهميت نظر نٿي اچي. جيڪڏهن اهميت هجي ها ته ڪيلاش ڪولهي جي قتل بعد جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ هڪ ڏينهن به نه لڳي ها. پر هتي انصاف جي رفتار هميشه ڪمزور لاءِ سست ۽ طاقتور لاءِ بلڪل تيز ترين رهي آهي. پوليس سياسي اثر هيٺ آهي، انتظاميا مفلوج آهي، ۽ حڪمران اقتدار جي خمارن ۾ مخمور آهن. ايس ايس پي کي گھرجي ته اھو `دعائن جي درخواست ` ڪرڻ بدران فرض شناسي جو مظاھرو ڪري ڪيلاش ڪولھيء جي قاتل جي گرفتاري کي ممڪن بڻائي.