ايس ايس پي عرفان سمون مڱڻي بعد ڊيوٽي تي واپس، امن امان بابت رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ اجلاس ۾ شرڪت

جُون 6, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ڪشمور جو ايس ايس پي عرفان سمون مڱڻي بعد ڊيوٽي تي واپس اچي ويو، سندس چوڻ آهي ته امن امان بابت اجلاس لاءِ رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ شريڪ آهيان

  ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان سمون 37 سالن جي عمر ۾ مڱڻي ڪئي، مڱڻي جي تقريب ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي

 ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي عرفان سمون کي ميمڻ خاندان مان سڱ مليو آهي، سندس شادي 3 مهينن بعد ڪراچي ۾ ٿيندي

 ايس ايس پي عرفان سمون پهرين فيبروري 1986 ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو، سندس اباڻو گهر لاڙڪاڻي شهر ۾ آهي، پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکي ٿو، سندس ڀاءُ مختيار احمد سي ايس ايس اڪيڊمي هلائي ٿو ۽ ٻيو ڀاءُ منير احمد سمون لاڙڪاڻي ۾ ڊي آءِ بي انچارج آهي

ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته  ٻن ڏينھن جي موڪل ھئي منگڻي جي رسم بعد منھنجي موڪل پوري ٿي آھي ۽ اڄ چارج مون وٽ آھي، امن امان بابت ڪراچي رينجر ھيڊ ڪوارٽر ميٽنگ ۾ آھيان

سندس چوڻ هو ته هو پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي، سڀاڻي اسلام آباد سينٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ڪيس بابت گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندس

Leave A Comment