ايس ايس پي ڪاوڙيل، با اثر ناراض: ايس ايچ او منشيات ڪيس ۾ جيل حوالي

جُولاءِ 3, 2023

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ پوليس پاران ايس ايچ او ٿاڻو بولا خان کي نشي آور سوپارين سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايچ او ٿاڻو بولا خان ظهير سولنگي جي گاڏي مان نشي آور سوپاريون هٿ  اچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي

سائيٽ ڪوٽڙي پوليس موجب پوليس پاران ڪراچي واھه وٽ چيڪنگ دوران پرائيويٽ گاڏي مان زيڊ 21 سميت جوابدار کي پڪڙيو ته جوابدار جي سڃاڻپ ايس ايچ او ٿاڻو بولاخان ظهير سولنگي طور ٿي

الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت کيس پوليس رمانڊ ڏيڻ بدران جيل ڪسڊي ڪري ڇڏيو

عدالت ۾ موجود يس ايچ او ڪوٽڙي سائيٽ ڪوبه موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، الزام هيٺ گرفتار ٿيل ايس ايڇ او ٿاڻو بولاخان ظهير سولنگي جو چوڻ هيو ته مان هڪ استاد هيس، ڪميشن پاس ڪري پوليس کاتو جوائن ڪيم

ايس ايچ او ظهير سولنگي چيو ته  منشيات کڻڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهان، غلط فهمين جي بنياد تي منهنجي خلاف ڪاروائي  ٿي آهي، مون کي  ايس ايس پي ڄامشورو توڙي ٻين آفيسرن مان اميد آهي ته هو مون سان انصاف ڪندا

ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ٿاڻو بولا خان ۾ منشيات سان ڀريل سوزوڪي پوليس پاران گم ٿيڻ وڃڻ جي اطلاعن تي ايس ايس پي ڄامشورو ايس ايچ او ٿاڻو بولان خان تي ڪاوڙيل هيو

ان کان علاوه ٿاڻو بولا خان جي رستن ذريعي بلوچستان مان ايندڙ منشيات سپلاءِ جون پڻ ايس ايس پي کي شڪايتون مليل هيون

ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٿاڻو بولا خان ۾ ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران ايس ايچ او ڪنهن هڪ ڌر جي طرفداري ڪرڻ بدران ڌرين کي چڱن مڙسن وٽ فيصلو ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو هو جنهن بعد هڪ ڌر جي حمايتي بااثرن پاران ايس ايچ او جي مٿي شڪايت ڪئي وئي جنهن بعد کيس سزا طور منشيات ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي

Leave A Comment