ايس ايچ او پاڻي سمجهي تيزاب پي ويو، حالت خراب

جُون 18, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪچي ۾ جاري پوليس آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ايس ايچ او دلي جان مگسي جي حالت خراب ٿي وئي

 اي پي سي چين ۾ ويٺل ايس ايچ او دلي جان مگسي تيزاب جي بوتل کي پاڻي جي بوتل سمجهي پي ويو

ايس ايچ او پاران تيزاب جي بوتل پيئڻ بعد حالت خراب ٿي وئي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج جاري آهي

Leave A Comment