ايس ايڇ او ڪشمور سميت ڌاڙيلن وٽ يرغمال ٽن ڄڻن جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوشش: ايس ايس پي ڳڙهي تيغو پهتل: آپريشن جاري رهندو: عرفان سمون

جُولاءِ 8, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر سميت 3 ڄڻا ٻئي ڏينهن به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل، پوليس پاران ٽنهي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ راڄوڻي ڪوششون جاري آهن جڏهن ته ايس ايس پي عرفان سمون

گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ ويجهو ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر علائقي واسين سان گڏ مغوين جي بازيابيءَ جون ڪوششون ڪري رهيو هو ته ڌاڙيلن کيس يرغمال بڻائي ورتو، ڌاڙيلن ايس ايڇ او گل محمد مهر، پوليس اهلڪار نبي داد منگي ۽ علائقي واسي سرور چاچڙ کي اغوا ڪري ورتو، پوليس پنهنجي ايس ايڇ او ۽ سپاهي سميت ٽنهي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لائڻ لڳي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس پنهنجو ئي تحفظ نه ٿي ڪري سگهي ته اسان کي ڇا تحفظ ڏيندي

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر سان ڊي ايس پي ڪشمور جي آخري ڀيرو ڳالهه ٿي هئي، ايس ايڇ او ڪال تي ٻڌايو ته آئون ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي هيٺ آهيان ٿوڙي دير ۾ اچان پيو

ذريعن موجب گل محمد مهر جي آخري ڀيرو ڊي ايس پي سان ڳالهه ٻول ٿيڻ بعد کين فون بند ٿي وئي

ٻئي طرف ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڪچي جي ڳڙهي تيغو ۾ پهتل آهي جڏهن ته ايس ايڇ او سميت 3 ڄڻن جي يرغمال ٿيڻ بعد پوليس ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي

واردات کي 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر ايس ايڇ او گل محمد مهر پوليس اهلڪار نبي داد منگي ۽ مقامي شخص سرور چاچڙ ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهن

چيو پيو وڃي ته ايس ايڇ او گل محمد مھر گذريل ڏينهن ٻن  اهلڪارن سان گڏجي مغوي نينگر فرحان سومرو جي بازيابي لاءِ ويو ڌاڙيلن پاران يرغمال بڻايو ويو آهي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪچي جو رھواسي وچ وارو ھمراھ ايس ايڇ او گل محمد مھر کي مغوي نينگر فرحان سومرو جي بازيابي لاءِ وٺي ويو جتي ڌاڙيلن طرفان ايس ايڇ او گل محمد مھر کي پاڻ وٽ گهرائي يرغمال بڻائي ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ عيوض آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي

ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٻن اهلڪارن جي يرغمال ٿيڻ کان پوءِ ايس ايڇ او گل محمد مھر جي وارثن کي فون ڪري يرغمال بڻائڻ جي اطلاع ڏني وئي

هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان علي سمون جو ايس ايڇ او سميت 3 يرغمالين واري معاملي تي موقف سامهون اچي ويو سندس چوڻ آهي ته آءُ پاڻ ڪچي جي علائقي ڳڙهي تيغو ۾ پهتل آهيان، پوليس جلد ايس ايڇ سميت ٻين کي آزاد ڪرائيندي

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڳڙهي تيغي جي ڪچي واري علائقي ۾ گذريل 3 ڏينهن کان پوليس آپريشن هلندڙ هو ان پوليس آپريشن کي روڪڻ خاطر ڌاڙيلن اهڙي ڪاروائي ڪئي آهي، ڏوهارين جي خاتمي تائين ڪچي ۾ پوليس آپريشن جاري رهندو

Leave A Comment