Home » ايس ايڇ او سميت ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ ڏنل مهلت ختم: پوليس پاران تيغو خان تيغاڻي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا: بنگلي تي چڙهائي
ايس ايڇ او سميت ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ ڏنل مهلت ختم: پوليس پاران تيغو خان تيغاڻي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا: بنگلي تي چڙهائي
جُولاءِ 9, 2023
ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾مغوي ايس ايڇ او گل محمد مهر جي بازيابي معاملي تان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ايس ايس پي ڪشمور طرفان ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد پوليس تيغو تيغاڻي جي بنگلي تي چڙهائي ڪري ڏني جڏهن ته سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا اهن
پوليس جي وڏي نفري ڪنڌ ڪوٽ ۾ گولي مار واري علائقي ۾ سردار تيغو تيغاڻي جي بنگلي تي چڙهائي ڪئي پر هو هٿ اچي نه سگهيو جڏهن ته ڳڙهي تيغو ۾ پڻ سندس رهائش گاهه تي ڇاپو هنيو ويو
ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته ته ڪو به سردار ڏوهن ۾ ملوث هوندو ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو
ٻئي طرف ڌاڙيلن وٽ يرغمال ٿيل ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر. سپاھي نبي دادمنگي ۽ سرورچاچڙ 40 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڏوھارين جي قبضي ۾ بازياب نه ٿي سگھيا، ايس ايس پي عرفان سمون گذريل ڏينهن کان ڳڙهي تيغو ڪچي ۾ پوليس نفري سان گڏ مختلف ھنڌن تي سرچ آپريشن باوجود ايس ايڇ او گل محمد مھر ۽ اھلڪار جو پتو نه پئجي سگهيو
ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او گل محمد مھر ۽ ان سان گڏ پوليس اهلڪار ۽ ھڪ ڪچي جي مقامي ماڻهو سرور چاچڙ کي ڪنڌڪوٽ واسي مغوي نينگر فرحان سومرو جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن 2 ڏينهن اڳ ڪچي واري علائقي ۾ گھرائي يرغمال بڻايو ھو
ڳڙهي تيغو ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او ڪشمور ۽ ساٿين جي کي اغوا ڪندڙن پاران سندس بازيابي لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جا چئوٻول پڻ ھلي رھيا آھن ته مغوي ايس ايڇ او ۽ ساٿين جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪئي پئي وڃي
ان کان اڳ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون مغوي بڻيل ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او گل محمد مھر جي بازيابي نه ٿيڻ جي صورت ۾ تيغو برادري جي سردار تيغو تيغاڻي کي گرفتار ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو
ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ يرغمالي ايس ايڇ او سميت 3 ئي مغوي بازياب نٿيا ته توھان کي گرفتار ڪندس، تيغو گينگ جي ڌاڙيلن سان ڪو ٺاهه نه ڪندس تيغو گينگ جي سرپرستي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي
هن چيو ته ماضي ۾ ڌاڙيل پوليس وارن کي اغوا ڪري پنھنجا شرط مڃرائيندا ھئا پر آئون ڪنھن به ڌاڙيل سان ٺاهه نه ڪندس