| ايس ٽي پي پاران گورنر هائوس آڏو جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان |
ملير (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 12 اپريل تي ڪراچي ۾ گورنر هائوس آڏو اعلانيل جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري، ادريس چانڊيو، خير محمد مگسي ۽ ٻين هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ٽي پي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽسوري پاران سنڌ خلاف سازشون ڪرڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ واري عمل خلاف 12 اپريل تي ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو هو وفاقي حڪومت پاران گورنر ٽسوري کي هٽائڻ ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪ ايران مٿان جنگ مڙهجڻ سبب پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس بعد فيصلو ڪيو ويو ته 12 اپريل تي اعلانيل احتجاج ملتوي ڪيو ويو آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي اسان لاءِ مقدس آهي، ڌرتي خلاف ڪنهن به قسم جي سازش برداشت نه ڪئي ويندي.