ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيلن جون 6 گينگز موجود آهن، ايس ايس پي امجد شيخ ۽ زبير نظير شيخ ٻن گينگز جي چيلهه ڀڄي ڇڏي، عرفان سمون جي وقت ۾ پوليس کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي، اڃا آپريشن جاري آهي
اڳوڻي ايس ايس پي امجد شيخ جي دور ۾ پوليس سبزوئي گينگ جي سربراهه پنهل سبزوئي عرف پنهون، ڏاڏو سبزوئي جو خاتمو ڪيو هو، جنهن بعد ان گينگ پنهنجون سرگرميون گهٽائي ڇڏيون
اڳوڻي ايس ايس پي زبير نظير شيخ جي وقت ۾ بنگوار گينگ جي سربراهه بدنام ڌاڙيل شريف بنگوار کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو هو جنهن جو بنگوار گينگ کي ڌڪ رسيو
هن وقت موجود ايس ايس پي عرفان سمون ڌاڙيلن جي ڀيو گينگ، جاگيراڻي، تيغاڻي، سبزوئي گينگ خلاف ڪارروايون ڪري رهيو آهي پر اهي منطقي انجام تي پهچي ناهن سگهيا
ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن جاري آهي جنهن ۾ 2850 اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن، هيل تائين پوليس جا 12 اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو باندي بڻايل آهن
ايس ايس پي عرفان سمون جي مقرري کان هيل تائين تقريبن 6 مهينن جي وقت دوران 250 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ۽ بازياب به ٿي چڪا آهن، ايس ايس پي زبير نظير شيخ جي دور ۾ 10 ماڻهو اغوا ٿيل هئا، ايس ايس پي امجد شيخ جي مقرري دوران 5 ماڻهو اغوا ٿيل هئا، ضلعي ۾ 20 سالن کان اغوا وارداتن جو سلسلو جاري آهي