ايس پي جي وردي صبا قمر کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو

ايس پي جي وردي صبا قمر کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) لالي ووڊ جي پوپري صبا قمر کي پوليس (اها به ايس پي جي) جي وردي پائي وڊيو ٺاهڻ مهانگو پئجي ويو، اداڪاره خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج الياس ريحان اداڪاره صبا قمر خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار وسيم زوار موقف اختيار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ۾ صبا قمر ڊريسنگ روم ۾ پوليس وردي ۾ ملبوس آهي،  هن ايس پي وارا ڦول ۽ بيج به لڳايو آهي. درخواستگذار موجب پوليس وردي پائڻ کان اڳ پوليس کان اين او سي حاصل ڪرڻي پوندي آهي، پٽيشنر موجب صبا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پراڻي انارڪلي ٿاڻي تي درخواست داخل ڏني هئي، پوليس ڪا ڪاڪارروائي نه ڪئي عدالت ٻڌڻي 14 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف اداڪاره صبا قمر جي حامي هڪ ميگزين جي ايڊيٽر ان چيف اهڙي عمل تي لکيو، “پيارا، ڇا صبا  ڪنوار  جي لباس يا لان سوٽ ۾ پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪندي؟؟