ايس پي عرفان سمون کي هٽرائڻ لاءِ ماڻهو اغوا، امجد شيخ جي ڌاڙيلن لاءِ اسڪيم؟ 70لک ڀنگ ۾ 20 لک پوليس جو حصو

جُولاءِ 26, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت علي کوسو) ايس پي عرفان سمون بدلي ٿيڻ بعد ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اغوا ٿيل ماڻهن جي واپسي شروع، 40 ڪلاڪن ۾ 4 مغوي بازياب ٿي ويا

مغوين جي واپسي بعد ايس ايس پي عرفان سمون ۽ ايس ايس پي امجد شيخ بابت علائقي ۾ مختلف ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن

اهي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا عرفان سمون کي هٽرائڻ لاءِ اغوا وارداتون هيون، ايس ايس پي امجد شيخ وٽ ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙو طريقيڪار آهي، ماڻهو اغوا ۽ بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس جو ڪهڙو ڪردار آهي

پوليس گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل تي مزدوري ڪندڙ 3 ڄڻن جمشير، محمد مظهر ، محمد شفيق  کي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي، ان کان اڳ امداد گاجاڻي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پر هن وقت تائين 26 مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، جن جي جلد بازيابي جو امڪان آهي

پوليس 4 مغوين جي بازيابي مقابلي ۾ ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ 5 هٿياربند گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر اهي اڃا تائين ميڊيا سامهون ناهن آندا ويا

عرفان سمون جي وقت ۾ اغوا ڄاڻايل فرمان ڀيو جي اغوا جو به ڊرامو نڪتو، فرمان ڀيو جي آزادي لاءِ 20 لک ڀنگ گهريو ويو هو، فرمان جي هڪ ٻي وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته قرضي ٿي ويو هيس جنهن ڪري اغوا جو ڊرامو ڪيم، پوليس اهڙيون حقيقتون سامهون آنديون

علائقي ۾ اهي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ايس ايس پي عرفان سمون ڌاڙيلن کي چيلنج ڪيو ۽ امجد شيخ وٽ خاص اسڪيم آهي، ذريعن موجب عرفان سمون ڀنگ عيوض مغوين جي بازيابي ۾ رنڊڪ هو

علائقي ۾ اهي به افواهه هلي رهيا آهن ته تازو گڊو مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر جي آزادي لاءِ وارثن  کان 70 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو، جنهن مان ڌاڙيلن 20 لک پوليس لاءِ حصو رکيو آهي

عرفان سمون ويو، امجد شيخ آيو، بنا احتجاج ماڻهو واپس ٿين پيا: شهري به حيران

سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين اوچتو مغوين جي واپسي تي حيرانگي جو اظهار ڪيو آهي، حافظ نصرالله چنه، غلام مصطفيٰ، عرفان علي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته عرفان سمون جي وقت ۾ ضلعي ۾ بدامني جو راڄ هو، ماڻهون لڏپلاڻ ڪري ويا، ڪاروبار ختم ٿي ويو، ايس ايس پي عرفان سمون بدلي ٿي ويو ۽ ايس ايس پي امجد شيخ کي اضافي چارج ڏني وئي ته مغوي بازياب شروع ٿي ويا آهن

هنن چيو ته اسان اهو محسوس ڪيون ٿا ته پوليس ۾ شامل ڪارين رڍين جي ڪري بدامني هئي ۽ اهي ڪاريون رڍيون جن کي ايس ايس پي عرفان سمون ٿاڻن تان هٽرائي ڇڏيو ۽ ڊسمس فرام سروس ڪيو هو اهي وري ساڳين ٿاڻن تي مقرر ٿي ويا ۽ ماڻهو به بازياب ٿيڻ شروع ٿي ويا

شهرين چيو ته پوليس پنهنجن مفادن خاطر عوام کي قرباني جو ٻڪر بڻائي انهن کي اغوا ڪرائي پوليس ڪمانڊرز کي ناڪام ڪن ٿا،رڳو ايس پي بدلي ٿي ويو باقي پوليس ساڳئي آهي، بنا احتجاج جي مغوي واپس اچي رهيا آهن

ڊيل وارو انداز ختم ڪري ڌاڙيلن کان نجات ڏياريو

شهرين چيو ته پوليس ڊيل جي رستي کان هٽي ڪري ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کي ڌاڙيلن کان نجات ڏياري، پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

پيٽرولنگ وڌائي آهي، جلد امن بحال ٿيندو: پوليس

پوليس جو چوڻ هو ته ضلعي جي پوليس بهتر حڪمت عملي سان ڪم ڪري رهي آهي، پوليس ضلعي ۾ پيٽرولنگ وڌائي ڇڏائي آهي جنهن ڪري ضلعي ۾ جلد امن بحال ٿيندو

عرفان سمون ڏوهارين سان ناتن تي ڪيترائي اهلڪار هٽايا، امجد شيخ ٻيهر مقرر ڪري ڇڏيا

ايس ايس پي عرفان سمون ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ايس ايڇ او قادر بنگوار،سڪندر پنهور سميت اهلڪارن کي ڊسمس فرام سروس ڪري ڇڏيو هو جن کي ايس ايس پي امجد شيخ ساڳين ئي ٿاڻن تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي

Leave A Comment