ايس پي مغوين جي وارثن وٽ پهتو، ڌاڙيل ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا: عرفان سمون

جُولاءِ 1, 2023

بڊاڻي (رپورٽر) بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل مغوي مکي جگديش ڪمار ۽ معصوم نينگر جئديپ ڪمار اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا

مغوين جي وارثن وٽ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون بڊاڻي جي پاٺشالا پهتو،  جتي هن بڊاڻي جي مکي گرداس مل، روي ڪمار، ديپڪ ڪمار، ششپال داس سان ملاقات ڪئي

مغوين جي وارثن ۽ هندو برادري جي اڳواڻن ايس ايس پي کي ميارون ڏيندي مغوين کي بازياب ڪرائي ڏيڻ جون دانهون ڪيون، اسان ڪاروباري ماڻهون آهيون ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪونهي

هنن چيو ته ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيل اغوا جون وارداتون ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا، پوليس اسانکي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آهي

ايس ايس پي عرفان سمون مغوين جي وارثن کي چيو ته آئون عوام سان گڏ آهيان، ڌاڙيل منهنجي مقرري تي خوش نه آهن انهي لاءِ هي ڪارروايون ڪن پيا

هن چيو ته ضلعي گهوٽڪي،شڪارپور،ڪشمور ۾ ڏوهاري ٽولا هڪ هٿ ٿي ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪارروايون ڪن پيا جيئن ٽنهي ضلعن جا ايس ايس پيز هتان هليا وڃن

عرفان سمون چيو ته مان جيئن ئي رات جو ڪشمور ڊيوٽي تي پهتو آهيان، ٽن مغوين کي بازياب ڪرايو آهي، مان ڪنهن به ڌاڙيل سان ڪابه ڊيل ڪونه ڪندس ۽ نه وري انهن کي پيسا ڏئي مغوين کي بازياب ڪرائيندس

ايس ايس پي عرفان سمون بند پيل بي ايس فيڊر گڊو پُل پڪٽ ۽ ڪچي طرف ويندڙ گودي بنگلو لنڪ روڊ تي بهادران پوليس پڪٽ بحال ڪري 20 اهلڪار مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

ايس ايس عرفان سمون وڌيڪ چيو ته جيئن منهنجي مقرري ضلعي ڪشمور ۾ ٿي ته اچڻ سان شروعات پنهنجي ڊپارٽمنٽ کان ڪئي، ڪافي پوليس اهلڪارن کي ڏوهارين جو ساٿاري ۽ رابطا هجڻ ڪري معطل ڪيو

ايس ايس پي چيو ته لوڪل پوليس اهلڪارن کي ضلعي بدر ڪندس، مان ضلعي ڪشمور ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ آيو آهيان، منهنجي جوانن جو شهادتون رائيگان نه وينديون

عرفان سمون چيو ته ڏوهارين کي ختم ڪندس، عوام منهنجو ساٿ ڏئي، ايس ايس پي مغوين جي وارثن کان ٻن ڏينهن اندر مغوين کي بازياب ڪرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي

Leave A Comment