| ايس پي نسيم آرا پنهور جي پُٽ سان جهيڙيندڙ سب انسپيڪٽر ڏوهاري قرار: عهدي تان فارغ |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ايس پي نسيم آرا پنهور جي پُٽ ۽ سب انسپيڪٽر شاهزان وچ ۾ جهيڙي واري معاملو، سب انسپيڪٽر خلاف جاچ مڪمل، رپورٽ ۾ نان پروفيشنل رويي، بدتميزي ۽ اختيارين جو ناجائز استعمال ثابت ٿيڻ کي عهدي تان هٽايو ويو. واضح رهي ته گذريل خميس واري رات ايس پي نسيم آرا پنهور جي پُٽ خبيب ۽ قيوم آباد جي چوڪي انچارج شازان شڪيل وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن جون مختلف وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون جنهن کانپوءِ ايس پي نسيم آرا پنهور پنهنجي پٽ کي ٿاڻي تي پيش ڪيو، جنهن خلاف ڪيس به داخل ٿيو هو، خبيب ضمانت تي آزاد ٿيل آهي. انهي واقعي بعد ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ايس پي ڪلفٽن کي واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو، انڪوائري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سب انسپيڪٽر شاهزان شڪيل کي چوڪي انچارج واري عهدي تان هٽائي شاهين فورس ۾ مقرر ڪيو ويو، انڪوائري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعي دوران شاهزان شڪيل جو رويو خراب هو، شاهزان صورتحال کي بهتر اخلاق سان سُٺي نموني به حل ڪري پي سگهيو پر هن ايئن نه ڪيو. وڊيوز ۽ سندس بيان وٺڻ کانپوءِ ثابت ٿيو ته شاهزان شڪيل چوڪي انچارج جهڙي اهم عهدي تي مقرر ڪرڻ جي لائق ناهي، کيس فوري طور تي هٽايو وڃي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سب انسپيڪٽر شاهزان شڪيل کي پنهنجو رويو بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، انهي لاءِ کيس اهڙي هنڌ مقرر ڪيو وڃي، جتي هو پنهنجو رويو بهتر بڻائي سگهي.