| ايس ڊي او ايڪسين ڪيئن بڻيو؟ سيڪريٽري ورڪس کي نوٽيس |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ورڪس کاتي جي گريڊ 17 جي اسسٽنٽ انجنيئر کي او پي ايس تي ايڪسين جي چارج ڏيڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري، ورڪس کاتي جي سيڪريٽري، چيف انجنيئر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته محمد عبد الله 17هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي، سينئر آفيسر هوندي کيس او پي ايس تي 18هين گريڊ جي واڌو چارج ڏني وئي، اهڙو عمل سروس رولز جي ڀڃڪڙي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته محمد عبدالله جي او پي ايس تي مقرري رد ڪئي وڃي.