| ايشز جي آخري ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي شڪست: آسٽريليا سيريز4-1 تان کٽي ورتي |
سڊني (اسپورٽس نيوز) ايشز جي آخري ٽيسٽ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي پنجن وڪيٽن سان هارائي سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.آسٽريليا سڊني ۾ کيڏيل سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پنج وڪيٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي.سڊني ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 384 ۽ ٻي ۾ 342 رنسون ٺاهي سگهي، پهرين اننگز ۾ جوءِ روٽ ۽ ٻي اننگز ۾ جيڪب بيٿل سينچري اسڪور ڪئي.آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 567 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 160 رنسن جو هدف پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.ٽرويس هيڊ کي شاندار ڪارڪردگي تي ميچ ۽ مچل اسٽارڪ کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.ان کانسواءِ ميچ ۾ تجربيڪار بيٽر اسٽيو سمٿ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪلاس جو مظاهرو ڪندي شاندار سينچري اسڪور ڪئي ۽ ڪيئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيا