ميلبرن (اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ شروع ٿيڻ واري آهي ۽ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ سڀ کان وڌيڪ آسٽريليا ۾ مشهور آهي. هر سال ڪرسمس کانپوءِ شروع ٿيندڙ روايتي ٽيسٽ ميچ کي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ چيو وڃي ٿو؟ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ گهڻي ڀاڱي آسٽريليا ۾ مقبول آهي، جيڪا ڪرسمس جي ٻئي ڏينهن يعني 26 ڊسمبر کان شروع ٿيندي آهي، جتي ميزبان ٽيم مهمان ٽيم سان تاريخي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ مقابلو ڪندي آهي. هلندڙ سال آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ٿيندي. ڪرسمس جي ٻئي ڏينهن آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ سميت ڪيئي ملڪن ۾ عام موڪل هوندي آهي، جنهن ڏينهن مالڪ پنهنجي ملازمن کي تحفا ڏيندا آهن، ان ڏينهن کي باڪسنگ ڊي سڏيو ويندو آهي، ڇو ته ان ڏينهن تحفا ۽ سامان ”باڪس (دٻن) ۾ ڏنو ويندو آهي، جيڪو ڪرسمس تقريبن جو حصو آهي.
باڪسنگ ڊي ميچ جي ڪهاڻي 1950ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿي، جڏهن آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ڪرسمس جي ٻئي ڏينهن، يعني 26 ڊسمبر تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ هڪ ٽيسٽ ميچ ٿي. ان ميچ جي شروعات هڪ روايتي انگريزي تهوار ”باڪسنگ ڊي“ سان جوڙي وئي، جيڪو 26 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. وقت سان گڏوگڏ هاڻي اهو هڪ تمام وڏو فيسٽيول بڻجي چڪو آهي، جتي خاندان ۽ دوست گڏجي اسٽيڊيم ايندا آهن ۽ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ مان لطف اندوز ٿيندا آهن.