| ايشز ۾ انگلينڊ وري دٻاءُ ۾، 158 جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ رڳو 2 وڪيٽون |
ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) ايشز سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ به آسٽريليا جي ٽيم ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو، انگلينڊ جي ٽيم 213 رنسن تي 8 وڪيٽون وڃائي ويٺي، اسپنر نيٿن ليون اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر گلين ميڪگرا جو وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. آسٽريليا جي ٽيم ٻئي ڏينهن تي 326 رنسون 8 رانديگر آئوٽ تان راند شروع ڪئي. ٻه وڪيٽون 50 رنسن جي اضافي بعد ڪريون. اسٽارڪ ففٽي ڪئي ۽ 54 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ناٿن ليون 9 رنسون ٺاهي سگهيو. سموري ٽيم 371 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. انگلينڊ جي آرچر 5، ڪارس ۽ جيڪس ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
ٽنگ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ انگلينڊ جي بيٽنگ وري ناڪام ٿي وئي. راند ختم ٿيڻ تي انگلينڊ 8 وڪيٽن تي 213 رنسون ٺاهيون. ڪرالي 9، ڊڪٽ 29، پوپ 3، روٽ 19، بروڪ 45، اسمٿ 22، جيڪس 6، ڪارس 0 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪپتان اسٽوڪس 45 ۽ آرچر 30 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهن. آرچر ۽ اسٽوڪس وچ ۾ 45 رنسن جي ناقابل شڪست پارٽنر شپ ٿي چڪي آهي. آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنس 3، بولينڊ ۽ ليون ٻه ٻه ۽ گرين هڪ وڪيٽ ورتي. انگلينڊ جي ٽيم کي 158 رنسن جو خسارو آهي ۽ انهن وٽ رڳو ٻه وڪيٽون آهن.