| ايشز ۾ بدترين شڪست: انگلش ٽيم ۾ آپريشن ڪلين اَپ، نيوزيلينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ نوان رانديگر شامل |
لنڊن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلينڊ جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيادت بين اسٽوڪس ڪندو.سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي اعلانيل اسڪواڊ ۾ آسٽريليا خلاف ايشز سيريز جي 7 رانديگرن کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايميليوگي ۽ جيمز ريو کي پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ زيڪ ڪرولي ۽ اولي پوپ کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريحان احمد ۽ اولي رابنسن 2024ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيم ۾ واپس آيا آهن. نيوزيلينڊ خلاف لارڊز ۾ شيڊيول پهرين ٽيسٽ لاءِ انگلينڊ جي اسڪواڊ جي قيادت بين اسٽوڪس ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ ريحان احمد، گس ايٽڪنسن، سوني بيڪر، شعيب بشير، جيڪب بيٿل، هيري بروڪ، بين ڊڪٽ، ميٿيو فشر، ايميليو گي، جيمز ريو، اولي رابنسن، جوءِ روٽ، جيمي سمٿ ۽ جوش ٽنگ شامل آهن.