ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آبپاشي کاتي جي اعليٰ سطحي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مقرري جي انتظار ۾ ويٺل طارق احمد ڪيھر کي ڊائريڪٽر ھائيڊرولوجي ريسرچ حيدرآباد جي خالي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي
ايشور لعل ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊرينيج اٿارٽي کي بدلي ڪري 19 گريڊ ۾ سپرينٽنڊنٽ انجنئير فلڊ مئنيجمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي
مقرري جي انتظار ۾ ويٺل مھيش ڪمار کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اسڪارپ سکر مقرر ڪيو ويو آهي، جتان عبدالغفار قريشي کي بدلي ڪري رپورٽ ڪرايو ويو آھي
ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ٽنڊو ڄام ٽيوب ويل ڊويزن حسن علي جلالاڻي کي بدلي ڪري سپرينٽنڊنٽ انجنئير پنياري سرڪل مقرر ڪيو ويو آهي
عبدالحميد شيخ سپرينٽنڊنٽ انجنئير فريش واٽر آرڊ زون کي بدلي ڪري سپريٽينڊنٽ انجنئير ويسٽرن سنڌ سرڪل لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي