| ايشيائي بئنڪ ڪراچي روهڙي ايم ايل ون لاءِ قرض ڏيندي، معاهدي تي صحيحون |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ ٽن اهم ترقياتي منصوبن بابت معاهدن تي صحيون ٿي ويون. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪراچي کان روهڙي سيڪشن مين لائن ون (ML-I) لاءِ پروجيڪٽ ريڊينيس فنانسنگ، ڪوئيٽا بس ريپڊ ٽرانزٽ ڪوئيٽا بي آر ٽي، پي آر ايف جي لاءِ پروجيڪٽ ريڊينيس فنانسنگ، بلوچستان واٽر ريسورسز ڊولپمينٽ سيڪٽر پروجيڪٽ لاءِ اضافي فنانسنگ شامل آهي. هي منصوبا ملڪ ۾ بنيادي سهولتن جي شعبن جهڙوڪ رابطن جي بهتري، شهري ٽرانسپورٽ، ۽ پاڻي وسيلن جي ترقي لاءِ انتهائي اهم قدم آهن. اقتصادي معاملن واري ڊويزن محمد حمير ڪريم اي ڊي بي کي هڪ قابل اعتماد ترقياتي شراڪتداري جي ڪردار ۽ پاڪستان جي ترقياتي ضرورتن جي تڪميل ۾ اُن جي مستقل تعاون کي ساراهيو. انهن اهم منصوبن جي لاءِ ڊي بي جي معاونت تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي منصوبا ملڪ جي ڊگهي مدي واري، پائيدار معاشي ترقي، ڪوئيٽا جي شهري انفراسٽرڪچر جي ضرورتن، ۽ بلوچستان ۾ زرعي پيداوار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا۔ ريلويز وزارت جي سيڪريٽري ۽ حڪومت بلوچستان جي ڪوششن کي به ساراهيو ويو. هن بلوچستان متعلق ٻن منصوبن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ ريلوي امپروومينٽ پروجيڪٽ پي آر ايف کي ريلوي جي جديديت طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو۔ هن وڌيڪ چيو ته اي ڊي بي اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ ٻين سڀني شراڪتدارن ادارن سان قريبي تعاون جاري رکندي، ته جيئن اي ڊي بي جي مدد پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن مطابق جاري رهي.