ايشيائي بينڪ ٽرانسپورٽ رٿائن ۾ مدد ڪندي: شرجيل

  ايشيائي بينڪ ٽرانسپورٽ رٿائن ۾ مدد ڪندي: شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد جي ملاقات، ٽرانسپورٽ بابت رٿائن جي مالي مدد ۽ مستقبل جي اھم قدمن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي ڊي پي ٽرانسپورٽ جي جاري رٿائن ۽ مستقبل ۾ ٽرانسپورٽ ۽ موبلٽي جي وڌيڪ منصوبن ۾ مدد جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو بايو گيس بسون هلايون،  ڪراچي لاءِ بايو گيس تي ھلڻ وارين بسن جي خريداري وارو عمل شروع ڪيو پيو وڃي. انهي لاءِ ڪراچي ۾ بايو گيس پلانٽ رٿا تي به ڪم جلد شروع ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته بايو گيس ۽ اي وي گاڏين سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي.