ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران پاڪستان لاءِ 54 ڪروڙ ڊالر منظور: 14 ڪروڙ ڊالر سنڌ ۾ خرچ ٿيندا

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران پاڪستان لاءِ 54 ڪروڙ ڊالر منظور: 14 ڪروڙ ڊالر سنڌ ۾ خرچ ٿيندا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي ٻن منصوبن لاءِ 54 ڪروڙ ڊالر فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي. امداد سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن کي تيز ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي۔ سنڌ جي سامونڊي علائقن کي قدرتي آفتن جي مقابلي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خرچ ڪيو ويندو۔ ايڪسليريٽنگ ايس او ايس ٽرانسفارميشن پروگرما لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس سيڪٽر پروجيڪٽ جي لاءِ 14 ڪروڙ ڊالر جو رعايتي قرض ڏنو ويو آهي. حڪومتي ادارن سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جو پروگرام سرڪاري ادارن جي ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر ڪندو۔ تجارتي ڪارڪردگي ۾ اضافو ايندو۔ هي پروگرام نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي تنظيم نو ڪندو ۽ ان کي تجارتي بنيادن تي آڻيندو۔ سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس پروجيڪٽ بابت پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته منصوبو بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي ضلعن ۾ قدرتي آفتن جي خلاف مزاحمتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي۔ هي منصوبو پاڪستان ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگيون بهتر بڻائيندو.