ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ 730 ملين ڊالر سيڙپڪاري ڪندي: ٻن منصوبن تي معاهدو ٿي ويو

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ 730 ملين ڊالر سيڙپڪاري ڪندي: ٻن منصوبن تي معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 730 ملين ڊالرن جي ٻن منصوبن تي دستخط ٿي ويا. حڪومت پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) وچ ۾ ٻن اهم منصوبن تي دستخط ڪيا ويا. انهن ۾ 330 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جو سيڪنڊ پاور ٽرانسميشن اسٽرينٿننگ پروجيڪٽ ۽ سرڪاري ملڪيت وارن ادارن (ايس او ايز) جي سڌاري لاءِ 400 ملين ڊالرن جو ٽرانسفارميشن پروگرام شامل آهي۔ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم، ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) کي هڪ قابل اعتماد ترقياتي شريڪ طور ساراهيندي چيو ته اي ڊي بي پاڪستان ۾ اهم بنيادي ڍانچي ۽ حڪمراني جي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مسلسل سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. ٽرانسميشن منصوبو ايندڙ پن بجلي منصوبن مان 2,300 ميگاواٽ بجلي جي قابل اعتماد ترسيل کي ممڪن بڻائيندو، موجوده ٽرانسميشن لائينن تي اضافي لوڊ گهٽائيندو ۽ هنگامي حالتن ۾ نظام جي مضبوطي وڌائيندو۔ هن چيو ته سرڪاري ملڪيت وارن ادارن (ايس او ايز) جو ٽرانسفارميشن پروگرام، ايس او اي ايڪٽ 2023 ۽ ايس او اي پاليسي 2023 تي مؤثر عملدرآمد کي مضبوط بڻائيندو، خاص طور تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) تي ڌيان ڏيندي ادارا جاتي ۽ عملي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻيندو. سيڪريٽري زور ڏنو ته ٻئي قدم پنهنجي نوعيت ۾ انقلابي آهن، جتي ٽرانسميشن منصوبو قومي گرڊ جي ريڙهه جي هڏي کي مضبوط بڻائي پاڪستان جي توانائي جي مستقبل کي محفوظ ڪندو، اتي ئي ايس او اي پروگرام ملڪ ڀر ۾ سرڪاري ادارن ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ پائيداري کي هٿي ڏيندو۔ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فان انهن قدمن لاءِ حڪومت پاڪستان جي مضبوط عزم کي ساراهيو. هن توانائي جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۾ ٽرانسميشن منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو. ان کان علاوه، هن نشاندهي ڪئي ته سرڪاري ملڪيت وارن ادارن (ايس او ايز) جي سڌارن جو پروگرام پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي. ٻنهي ڌرين فنانسنگ کي مؤثر نموني استعمال ڪرڻ ۽ ٻنهي منصوبن جي ڪامياب ۽ بروقت تڪميل لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.