ايشياڪپ رائزنگ اسٽارز جو فائنل اڄ ٿيندو، نقوي جي شرڪت جو امڪان

دوحا(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز جو فائنل اڄ دوحا ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي شرڪت جو امڪان آهي. قطر ڪرڪيٽ اختيارين محسن نقوي کي ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز جي فائنل ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي. محسن نقوي پاڪستان شاهينز ۽ بنگلاديش اي جي وچ ۾ فائنل ميچ ۾ خاص مهمان هوندو. فائنل اڄ پاڪستاني وقت مطابق شام 7:30 وڳي کيڏيو ويندو.