ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ٽورنامينٽ لاءِ 15 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، قيادت عرفان خان حوالي

ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز ٽورنامينٽ لاءِ 15 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، قيادت عرفان خان حوالي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي ) ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز چيمپئن شپ 2025 لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، محمد عرفان خان ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز 2025 ۾ پاڪستان شاهينز جي قيادت ڪندو. ٻين رانديگرن ۾ احمد دانيال، عرفات منھاس، معاز صداقت، محمد فائق، محمد غازي غوري، محمد نعيم، محمد سلمان، محمد شهزاد، مبصر خان، سعد مسعود، شاهد عزيز، سفيان مقيم، عبيد شاهه ۽ ياسر خان شامل آهن. ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز چيمپئن شپ 14 کان 23 نومبر تائين قطر جي راڄڌاني دوحا ٿيندي. ميگا ايونٽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيو ويندو ۽ جنهن ۾ فائنل سميت ڪُل 15 ميچون ٿينديون. گروپ اَي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، يو اَي اِي ۽ عمان جون ٽيمن کي رکيو ويو آهي، پاڪستان پنهنجي مهم جي شروعات 14 نومبر تي عمان جي خلاف ميچ سان ڪندو، ٻي ميچ 16 نومبر تي ڀارت اي سان، ۽ ٽِين ميچ 18 نومبر تي يو اي اي خلاف کيڏندو. ايونٽ جا سيمي فائنلز 21 نومبر تي ۽ فائنل 23 نومبر تي رٿيل آهن. واضح رهي ته ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن جون اَي ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته ايسوسيئيٽ نيشن جون فل اسٽرينٿ ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن.