ايشيا ڪپ کٽيندڙ ننڍڙن ڪرڪيٽرن لاءِ خزاني جا منهن کلي ويا

ايشيا ڪپ کٽيندڙ ننڍڙن ڪرڪيٽرن لاءِ خزاني جا منهن کلي ويا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽيندڙ ٽيم لاءِ وڏو اعلان ڪيو آهي. ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين ڀارت خلاف فاتح ٽيم جي هر رانديگر کي 50، 50 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن موجب فائنل ۾ فتح کان پوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن سان ملاقات ڪري انهن جو حوصلو وڌايو ۽ انهن جي راند جي تعريف ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي رانديگرن جو هر طرح سان خيال رکڻ جو به يقين ڏياريو آهي. هن رانديگرن کي يقين ڏياريو ته انهن جي طبي سميت هر ضرورت پوري ڪئي ويندي. ياد رهي ته دبئي ۾ کيڏيل ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان سمير منهاس جي شاندار بيٽنگ جي ڪري ڀارت کي 191 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏني هئي.