ڪراچي/ميرپورخاص(رپورٽ: حبيب جمالي/فهد سلطان چانڊيو) ايف آءِ اي وڏي ڪارروائي ڪندي اسرائيل ۾ غيرقانوني نوڪري ڪندڙ ميرپور خاص واسي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
ايف آءِ اي ترجمان موجب ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل ميرپورخاص جي هڪ ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي موجب نعمان صديقي، ڪامل انور، ڪامران صديقي، محمد ذيشان ۽ محمد انور کي گرفتار ڪري ورتو
گرفتار ڪيل جوابدارن جو تعلق ميرپورخاص سان آهي جوابدار اسرائيل جي شهر تل ابيب ۾ هيلپر ۽ ڪار ڌوئڻ طور نوڪري ڪندا هئا ۽ 4 کان 7 سالن تائين تل ابيب ۾ رهيل هئا انهن اسرائيلي ايجنٽ ذريعي تل ابيب ۾ غيرقانوني طور پهچي رهائش اختيار ڪئي ۽ ايجنٽ کي في شخص 3 کان 4 لک رپيا ڏنا هئا
ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار شينگن ويزا تي جارڊن ايئرپورٽ کان اسرائيل داخل ٿيا هئا ۽ ويسٽرن يونين ذريعي پاڪستان رقم اماڻيندا هئا، جوابدار ترڪي، ڪينيا ۽ سريلنڪا واري رستي کان به جارڊن ايئرپورٽ پهچي اسرائيل ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن
ايف آءِ اي موجب جوابدار وطن واپسي لاءِ دبئي واري رستي جارڊن ايئرپورٽ کان واپس پهتا هئا ته کين گرفتار ڪري ورتو، پاسپورٽ قانون ۽ اميگريشن آرڊينينس تحت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن ڄڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
گرفتار ڪيل نعمان صديقي، ڪامل انور، ڪامران صديقي، محمد ذيشان ۽ محمد انور ميرپورخاص جي مهاجر ڪالوني ۽ حميد پوره ڪالوني جا رهواسي آهن جڏهن ته محمد انور ۽ انهن جو پٽ ڪامل انور جي ساڳئي علائقي ۾ مووي ميڪنگ ۽ فوٽو گرافي جي دڪان آهي
اهڙي طرح نعمان صديقي، ڪامران صديقي ۽ محمد زيشان حميد پوره ڪالوني جا رهواسي آهن,هي ٽئي جوابدار محمد انور سان ويجهو مائٽ آهن ۽ انور جي چوڻ تي اسرائيل ويا هئا
ذريعن موجب محمد انور جي ڀيڻ اسرائيل ۾ رهائش پزير آهي جنهن انهن کي ڪمائڻ لاءِ گهرايو هو، گرفتار جوابدار 2018 کان اسرائيل ايندا ويندا هئا
هوڏانهن محمد انور جي پٽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منهجو پي گذريل ڪيترئي عرصي کان ميرپورخاص ۾ هو ايف آئي اي گرفتار جوابدارن کي گهران گرفتار ڪري ڪراچي مان گرفتاري ڏيکاري آهي