ايف آءِ اي پاران ناديه حسين خلاف پيڪا ايڪٽ تحت جاچ شروع
مارچ 15, 2025
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بينڪ الفلاح سيڪيورٽيز ڪراچي ۾ 540 ملين رپين جي ڪرپشن وارو معاملي ۾ اداڪارا ناديا حسين پاران ايف آءِ اي الزامن وارو معاملو، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي پاران اڳوڻي سي اي او عاطف محمد خان کي 08 مارچ 2025ع تي گرفتار ڪيو هو، جوابدار عاطف محمد خان سي اي او طور اختيارن جو غلط استعمال ڪندي مالي فراڊ ۾ ملوث ثابت ٿيو هو، جوابدار عاطف محمد خان جي گرفتاري کانپوءِ سندس گهرواري ناديه حسين کي جعلي واٽس ايپ تي فون ڪري رشوت جو مطالبو ڪيو ويو، ڪال ۾ فراڊ ڪندڙ ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسر جي تصوير ڊي پي طور استعمال ڪئي هئي، ناديه حسين ايف آءِ اي ڪراچي سان رابطو ڪيو، جنهن تي کيس جعلي ڪال بابت آگاهه ڪيو ويو هو، ايف آءِ اي ناديه حسين کي سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر ڪراچي ۾ شڪايت داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر ناديه حسين شڪايت درج ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا تي ايف آءِ اي تي بي بنياد الزام هنيا هئا، ايف آئي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي بي بنياد الزام هڻڻ ڏوهه آهي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ڪراچي واقعي جو نوٽيس وٺندي ناديه حسين خلاف پيڪا ايڪٽ تحت باضابطه جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ڪالھه اداڪاره جي گهر ايف آئي جي ٽيم به پهتي ۽ کيس سمن ڏنو ويو هو، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شخص کي بنا ثبوت جي بي بنياد پروپيگنڊا ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.،ناديه حسين جا الزام نه رڳو بي بنياد آهن پر هڪ اداري جي ساک کي به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، جيڪو ملڪي قانون تحت سنگين ڏوهه آهي، شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به شڪي ڪال يا رابطي جي صورت ۾ فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪن.