ايف آءِ اي ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل:31 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر تبديل

ايف آءِ اي ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل:31 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر تبديل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون، 31 اسسٽنٽ دائريڪٽرز کي تبديل ڪيو ويو. ڪيترن ئي سالن کان مقرر آفيسرن کي مختلف صوبن ۾ اماڻيو ويو. اينٽي مني لانڊرنگ، سي ٽي ڊبليو، هيومن اسمگلنگ، ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ۽ اميگريشن جي آفيسرن کي تبديل ڪيو ويو. اسلام آباد، لاهور، گجرانوالا ۾ مقرر آفيسرن کي ڪراچي امانيو ويو. اسلام آباد مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر نديم ظفر کي سي ٽي ڊبليو ڪراچي مقرر ڪيو ويو. ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق کي اينٽي هومين سمگلنگ ۾ مقرر ڪيو ويو. ڊپٽي دائريڪٽر سراج الدين پنهوار کي پشاور زون ۾ اينٽي مني لانڊرنگ جو انچارج مقرر ڪيو ويو. ڊپٽي دائريڪٽر ام النبين کي اسلام آباد اينٽي مني لانڊرنگ جو انچارج مقرر ڪيو ويو. بدليون فوري طور نافذ العمل هونديون. ڊي جي ايف آءِ اي جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.