| ايف آءِ اي ۾ وڏي پيماني تي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي ۾ وڏي پيماني تي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون. آفيسرن جي بدلي جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪندي فوري عملدرآمد جو حڪم جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن مطابق محمد عامر نواز کي اسلام آباد کان ڪراچي سي ٽي ڊبليو ۾ بدلي ڪيو ويو. ناصر محمود اعوان کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر کان سي ٽي ڊبليو اسلام آباد مقرر ڪيو ويو. وقاص بشير کي ڊائريڪٽر جنرل آفيس مان سي ٽي ڊبليو اسلام آباد، مهڪ گل کي ويلفيئر برانچ مان سي ٽي ڊبليو اسلام آباد، بلال احمد زهري کي ڪوئيٽا ايئرپورٽ مان سي ٽي ڊبليو ڪوئيٽا، ڪامران خان کي ڪوهاٽ زون مان پشاور سي ٽي ڊبليو، آفتاب علي کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان سي ٽي ڊبليو ڊائريڪٽوريٽ، ماروي صديقي کي اسلام آباد مان سي ٽي ڊبليو ڊائريڪٽوريٽ، سفيان احمد کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان سي ٽي ڊبليو ڊائريڪٽوريٽ، محمد عاقب کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان سي ٽي ڊبليو ڊائريڪٽوريٽ، عمر وِرڪ کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان لاهور سي ٽي ڊبليو مقرر ڪيو ويو. محمد جاويد رفيق کي اسلام آباد مان سي ٽي ڊبليو لاهور، محمد شفيق کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان لاهور سي ٽي ڊبليو، عاطف بلوچ کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان سي ٽي ڊبليو ڪوئيٽا، مون احمد خان کي اسلام آباد مان سي ٽي ڊبليو ڊائريڪٽوريٽ، علي طارق بلوچ کي اسلام آباد هيڊڪوارٽر مان ڪراچي سي ٽي ڊبليو، محمد اختر کي اسلام آباد مان سي ٽي ڊبليو لاهور ۾ مقرر ڪيو ويو.