ايف ايف سي جو عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شموليت جو فيصلو، جهاز وڌائي 65 ڪرڻ جو اعلان

  ايف ايف سي جو عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شموليت جو فيصلو، جهاز وڌائي 65 ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جي نجڪاري ۾ فوجي فرٽيلائرز عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو، جهاز 38 مان وڌائي 65 ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. عارف حبيب گروپ جي چيئرمين عارف حبيب چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي ڪاميابي ٿي آهي، پي آءِ اي کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ خدمت ڪنداسين، پي آءِ اي خانگائڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، پي آءِ اي فليٽ ۾ هينئر 18 کان 19 جهاز مان 13 کان 14 جهاز فعال آهن، پهرئين مرحلي ۾ جهازن جو انگ وڌائي 38 کان 65 ڪيو ويندو. هن اعلان ڪيو ته  ايئر لائين جي ملازمن کي اعتماد ڏنو ويندو ۽ انهن جي تجربن جو مڪمل فائدو حاصل ڪيو ويندو. ايئرلائن کي وڌائڻ سان ملازمت جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا.عارف گروپ جي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي آءِ اي ۾  فوجي فرٽيلائيزر جي شموليت جي آجيان ڪريون ٿا، هڪ سال اندر ايئرلائن اندر 125 ارب جي سرمائيڪاري ڪنداسين. اسان ايئرلائن جي ملازمن کي سٺو پليٽ فارم ڏينداسين، مسافرن کي پڻ بهتري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي.