خبرون آھن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مالي سال 26- 2025 جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق، جولاءِ کان ڊسمبر تائين 335 ارب رپين جو خوفناڪ شارٽ فال آھي. هي ناڪامي صرف هڪ مهيني يا ٻن جي نه آهي، پر مسلسل ڏهاڪن کان جاري آهي. ان حوالي سان حڪومت جو رويو ته اڃا به وڌيڪ عوام آزاريندڙ آهي. ٽيڪس گڏ نه ٿيڻ تي، فوري طور تي نوان ٽيڪس عوام تي مسلط ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
پاڪستان جو ٽيڪس سسٽم ته بنهه غلط ۽ ظالماڻو آهي. سڄي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ٽيڪس سسٽم اھڙو آھي، جنھن ۾ امير وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو، غريب گهٽ. پر هتي معاملو ئي ابتو آهي – ان ڊائريڪٽ ٽيڪسن جو نظام! سيلز ٽيڪس، ايڪسائيز ڊيوٽي، ۽ ڪسٽم ڊيوٽيز جيڪي غريب ۽ وچولي طبقي تي سڌو حملو آهن. هر شيءِ خريد ڪرڻ تي ٽيڪس، کاڌي پيتي تي ٽيڪس، دوائن تي ٽيڪس، بجلي گئس تي ٽيڪس. هيءُ ٽيڪس سسٽم عوام کي غريب تر بنائي رهيو آهي. ٽيڪس چوري ته هتي قومي راند بڻجي وئي آهي. وڏال امير، واپاري، زميندار، ۽ صنعتڪار اربين رپيا ٽيڪس چوري ڪندا آهن. ايف بي آرل جي پنهنجي رپورٽن موجب، انفارمل ايڪانامي ۾ 40 سيڪڙي کان وڌيڪ معيشت آهي، جتي ٽيڪس نه ادا ٿيندو آهي.وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جو ٽيڪس نظام نااهلي، ناانصافي ۽ طاقتور طبقن جي غلامي جو نالو آهي. ٽيڪس وصولي جا هدف پوري ڪرڻ ۾ ايف بي آر جي ناڪامي ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر هر سال ساڳي ناڪاميءَ کان پوءِ ساڳيو پراڻو هٿيار استعمال ڪيو وڃي ٿو: عوام مٿان نوان ٽيڪس مڙهيا وڃن. حڪمرانن ۽ ايف بي آر لاءِ رياست هلائڻ جو مطلب رڳو اهو رهجي ويو آهي ته هر خساري، هر بدانتظامي ۽ هر چوريءَ جو بار عام شهري جي ڪلهن تي وڌو وڃي.ايف بي آر جي ڪارڪردگي هڪ سوال نه، پر هڪ کليل تماشو بڻجي چڪي آهي. لکين اربين رپين جي ٽيڪس چوري، جعلي ريفنڊ، اسمگلنگ ۽ طاقتور مافياز جي سامهون ايف بي آر مڪمل طور تي بي وس نظر اچي ٿو. وڏا جاگيردار، صنعتي سرمائيدار، رئيل اسٽيٽ مافيا ۽ سياستدان ايف بي آر لاءِ “مقدس ڳئون” آهن، جن ڏانهن نگاهه کڻڻ به گناهه سمجهيو وڃي ٿو. پر ساڳي وقت هڪ مزدور، هاري، پگهاردار ملازم ۽ ننڍو دڪاندار هر وقت نون ٽيڪسن جي تلوار هيٺان زندگي گذاري ٿو.پاڪستان جو ٽيڪس نظام بنيادي طور تي غلط ۽ ظالماڻو آهي. سڌن ٽيڪسن بدران اڻسڌن ٽيڪسن تي ڀاڙڻ هن نظام جي سڀ کان وڏي بيماري آهي. پيٽرول، بجلي، گئس، کاڌي پيتي جي شين ۽ روزمرهه جي استعمال وارن شين تي ٽيڪس لڳائي حڪومت غربت کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي. اڻسڌا ٽيڪس امير ۽ غريب ۾ ڪو فرق نٿا ڪن؛ هڪ غريب مزدور ۽ هڪ امير صنعتڪار ساڳئي شرح سان ٽيڪس ادا ڪن ٿا، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.ٽيڪس چوري پاڪستان جي معيشت کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان جو ذميوار عوام نه، پر اهو نظام آهي، جيڪو طاقتور کي بچائي ۽ ڪمزور کي چيڀاٽي ٿو. ايف بي آر وٽ نه عزم آهي، نه صلاحيت ۽ نه ئي همت ته هو ٽيڪس چور اشرافيه خلاف ڪارروائي ڪري. نتيجي ۾ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جون سڀ دعوائون رڳو بيانن تائين محدود آهن. اڄ به ملڪ جي وڏي آبادي ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهي، جڏهن ته اصل آمدني وارا ماڻهو قانون جي ڪوتاھين ۽ سياسي اثر رسوخ جي آڙ ۾ ٽيڪس ڏيڻ کان بچي وڃن ٿا. حڪومت جي اها ھوڏ ته هر مالي خسارو عوام مان پورو ڪيو وڃي، رياست ۽ شهري جي وچ ۾ بي اعتمادي کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي. جڏهن عوام ڏسي ٿو ته حڪمران عياشيون ڪن ٿا، ادارا ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن ۽ ٽيڪس جو پئسو عوامي ڀلائي بدران ضايع ٿي رهيو آهي، تڏهن ٽيڪس ڏيڻ جو اخلاقي جواز پاڻمرادو ختم ٿي وڃي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايف بي آر جي ناڪاميءَ جو بار عوام تي وجهڻ بدران، ٽيڪس نظام ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ گهرجن. سڌن ٽيڪسن کي وڌايو وڃي، وڏين آمدنين ۽ دولت تي حقيقي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، ۽ ٽيڪس چور اشرافيه کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اميرن تي ڊائريڪٽ ٽيڪس وڌايو وڃي، ان ڊائريڪٽ ٽيڪس گهٽايو وڃي، ٽيڪس چوري تي سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ۽ ٽيڪس نيٽ کي حقيقي نموني وسيع ڪيو وڃي. ٽيڪس چوري تي سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ۽ ٽيڪس نيٽ کي حقيقي نموني وسيع ڪيو وڃي.