| ايف بي آر: شادي تي 6 ڪروڙ خرچ ڪندڙ اداڪاره ڦاسي پئي |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 2025ع جي شروعات ۾ شادي ڪندڙ هڪ ڪروڙ فالوئرز رکندڙ پاڪستاني اداڪاره پاران ٽيڪس چوري جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.رپورٽن موجب لاهور سان تعلق رکندڙ فلم ۽ ٽي وي اسٽار پنهنجي شادي تي 60 ملين ( 6 ڪروڙ ) رپيا خرچ ڪيا. اداڪاره جي شاندار شادي ڪاڄ ڏسي ايف بي آر وارا جاڳي پيا، هنن اداڪاره جي ظاهر ڪيل آمدني ۽ طرز زندگي ۾ اهم تضاد ڏٺو. رپورٽن موجب اداڪاره 9 سال اڳ ايف بي آر وٽ رجسٽرڊ ٿي هئي، اداڪاره جي ٽيڪس رٽرن (گوشورا) موجب سندس مالي حيثيت اهڙي ناهي جو هو پنهنجي شادي تي 6 ڪروڙ خرچ ڪري سگهي، نه رڳو اهو پر سندس پرڏيهي سفر ۽ روزاني تقريبون به سندس آمدني سان مطابقت نه رکن. ايف بي آر جي جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته اداڪاره جي سادي تي 6 ڪروڙ 67 لک خرچ ٿيا هئي، جڏهن ته اداڪاره پنهنجن ٽيڪس رٽرن ۾ اهي خرچ ظاهر نه ڪيا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها رقم غير رپورٽ ٿيل آمدني مان ادا ڪئي وئي هئي.ايف بي آر غير وضاحتي آمدني يا اثاثن لاءِ سيڪشن 111 تحت نوٽيس جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جيڪڏهن اداڪاره شادي ۽ سفر جي خرچن جي ذريعن کي اطمينان بخش طور تي بيان نه ڪري سگهي، ته انهن رقمن کي لڪل آمدني سمجهي سگهجي ٿو ، ساڳئي وقت ٽيڪس چوري لاءِسيڪشن 192-A تحت قانوني ڪارروائي تي پڻ غور ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته گذريل سال جي شروعات ۾ شادي ڪندڙ اداڪارائن ۾ ماوره حسين پڻ شامل آهي، جنهن جا انسٽاگرام تي 9.9 ملين، يوٽيوب تي 31,000، فيس بوڪ تي 2.4 ملين ۽ ايڪس تي 1.9 ملين فالوورز آهن.