| ايف بي آر ٽيڪس اوڳاڙي هدف ماڻڻ ۾ ناڪام، نومبر ۾ 156 ارب شارٽ فال |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر نومبر مهيني ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ايف بي آر ذريعن موجب، نومبر ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف هڪ هزار 34 ارب رپيا هو، ايف بي آر رڳو 878 رپيا ٽيڪس اوڳاڙي ڪري سگهيو، نومبر ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جو شارٽ فال 156 ارب رپيا رهيو، ايندڙ ڊسمبر ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جو حدف هڪ هزار 406 ارب رپيا مقرر آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين پنج مهينن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي 5 هزار 83 ارب رپيا حدف جي مقابلي ۾ اوڳاڙي 4 هزار 715 رپيا رهي