| ايف بي آر ٽيڪس هدف ماڻڻ ۾ ناڪام: 6 مهينن ۾335 ارب گهٽ وصول: عوام تي نوان ٽيڪس مڙهڻ جون تياريون |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، پهرين ڇهن مهينن ۾ 335 ارب رپين جو شارٽ فال سامهون اچي ويو. ذريعن مطابق جولاءِ کان ڊسمبر تائين 6 هزار 489 ارب رپين جي هدف مقابلي ۾ وصولي 6 هزار 154 ارب رهي، ڊسمبر مهيني ۾ به ٽيڪس وصولي هدف کان لڳ ڀڳ 25 ارب رپيا گهٽ رهي، ڊسمبر ۾ 1446 ارب جي هدف مقابلي ۾ 1421 ارب رپيا ٽيڪس وصولي ٿي. ڊسمبر ۾ سڀ کان وڌيڪ 828 ارب رپيا وصولي انڪم ٽيڪس مان ٿي. ايف بي آر ذريعن مطابق سيلز ٽيڪس مان 434 ارب رپيا، ڪسٽمز ڊيوٽي مان 123 ارب رپيا حاصل ٿيا، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي مان 72 ارب رپين کان وڌيڪ وصولي ٿي. ڊسمبر ۾ ٽيڪس ريفنڊز جي مد ۾ 38 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، ساليانو ٽيڪس هدف 14 هزار 130 ارب مان گهٽائي 13 هزار 979 ارب رپيا ڪيو ويو، ڪارپوريٽ سيڪٽر ڊسمبر جي آخري ڏينهن 305 ارب رپين جون وڏيون ادائيگيون ٿيون، سالياني ٽيڪس هدف ۾ نظرثاني آءِ ايم ايف سان صلاح مشوري بعد ڪئي وئي، آءِ ايم ايف ايندڙ هفتي ايف بي آر جي ٽيڪس ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو، آمدني هدف کان گهٽ رهڻ سبب ايندڙ ٽه ماهي ۾ نئين ٽيڪس قدمن جو امڪان برقرار آهي. شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جي به تجويز ڏني وئي آهي. ٽيڪس آمدني ۾ گهٽتائي سبب بجيٽ خساري سميت ٻيا هدفن متاثر ٿيڻ جو به خدشو آهي.