ايف بي آر ۾ پاليسي بورڊ ختم: مقررين ۽ فيصلن کي قانوني تحفظ: ترميمون قومي اسيمبلي ۾ منظور

ايف بي آر ۾ پاليسي بورڊ ختم: مقررين ۽ فيصلن کي قانوني تحفظ: ترميمون قومي اسيمبلي ۾ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ايف بي آر ترميمي ايڪٽ 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ پاليسي بورڊ جو خاتمو ڪيو ويندو ۽ ماضي ۾ ڪيل مقررين ۽ فيصلن کي قانوني تحفظ حاصل هوندو. بل جي متن موجب ترميمي ايڪٽ ۾ نئين شق 25 شامل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت قانون جي منظوري کان اڳ ايف بي آر ۾ ڪيل سڀئي مقرريون درست ۽ قانوني تصور ڪيون وينديون. ان کان علاوه ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ميمبرن طرفان ڪيل فيصلا، حڪم، نوٽيفڪيشن، معاهدا، قاعدا ۽ ضابطا به صحيح تصور ڪيا ويندا. ملازمن کي ڏنل معاوضا ۽ انعام به قانوني تحفظ هيٺ هوندا. قومي اسيمبلي طرفان منظور ڪيل ترميم تحت ايف بي آر ايڪٽ 2007 جي شق 2 ۽ شق 5 مان پاليسي بورڊ جو لفظ ختم ڪيو ويو آهي، شق 6 کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي. اها شق پاليسي بورڊ جي قيام ۽ ان جي اختيارن سان لاڳاپيل هئي. ترميم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ايف بي آر ۾ پاليسي بورڊ جو وجود ختم ٿي ويندو. بل مطابق سپريم ڪورٽ طرفان وفاقي حڪومت جي تعريف بابت ڏنل تشريح کان پوءِ پيدا ٿيل قانوني مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ هي ترميم آندي وئي آهي. حڪومت جو موقف آهي ته قانوني پيچيدگين کي ختم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي مؤثر نموني هلائڻ لاءِ ترميم ضروري هئي. ترميم موجب ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ رهندو، جڏهن ته روينيو ڊويزن جو سيڪريٽري ايف بي آر جي ميمبرن جي پوسٽنگ ۽ بدليون ڪرڻ جو مجاز هوندو. ايف بي آر ۾ اڳ پاليسي رهنمائي ۽ مالياتي پاليسين جي نگراني لاءِ پاليسي بورڊ قائم ڪيو ويو هو، پر وفاقي حڪومت ناڻي واري وزارت ۾ ٽيڪس پاليسي آفيس قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ پاليسي بورڊ جي ضرورت نه رهي، تنهن ڪري ان کي ختم ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف اپوزيشن ايف بي آر ترميمي بل جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر عاليه ڪامران بحث دوران چيو ته حڪومت هن بل ذريعي پنهنجي ماضي جي غلط فيصلن کي پارليامينٽ کان قانوني تحفظ ڏياري رهي آهي. اهڙي قانونسازي مستقبل ۾ به غلط فيصلا ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪندي. عاليه ڪامران طرفان بل ۾ تجويز ڪيل ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي وئي، پر قومي اسيمبلي ان کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ايف بي آر ترميمي ايڪٽ 2026 منظور ڪيو ويو.