ايلون مسڪ هالي ووڊ جي پوپري سڊني سويني تي تبصري سبب ڏچي هيٺ

نيويارڪ(ڪلچرل ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪنگ ارب پتي ايلون مسڪ هالي ووڊ جي اداڪاره سڊني سويني بابت ڪيل پنهنجن تبصرن لاءِ سخت تنقيد جو نشانو بڻيل آهي. مسڪ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي نفسياتي ٿرلر فلم “دي هائوس ميڊ” جي اداڪاره سڊني جي جسم بابت هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن کي سدني جي مداحن نامناسب ۽ “توهين آميز” قرار ڏنو.