ڪراچي (م ڊ) ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي امير ترين شخص جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪري ورتو آهي.
لگزري شيون ٺاهيندڙ ڪمپني ايل وي ايم ايچ جي مالڪ برنارڊ آرنلٽ جي دولت ۾ مسلسل گهٽتائي جي سبب 31 مئي جي شام ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب ايلون مسڪ هن وقت 192 ارب ڊالرز جو مالڪ آهي جڏهن ته برنارڊ آرنلٽ جي اثاثن جي ماليت 187 ارب ڊالرز آهي، برنارڊ آرنلٽ دنيا جي امير ترين شخصيتن جي فهرست ۾ پهرين مان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
برنارڊ آرنلٽ ڊسمبر 2022ع کان 31 مئي 2023ع تائين دنيا جي امير ترين شخصيتن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي رهيو.
ٻئي طرف ايلون مسڪ 2023ع جي 5 مهينن دوران پنهنجي دولت ۾ 55.3 ارب ڊالرن جو اضافو ڪيو آهي جنهن بعد هو دنيا جو امير ترين شخض بڻجي ويو آهي.