جتي پاڻي بيهي ٿو، اتي بيماري جنم وٺي ٿي. ‘ايل بي او ڊي’ جي ڀرپاسي مهينن تائين بيٺل پاڻي رڳو زمين جي زرخيزي ئي نه، پر انسانن جي صحت کي به تباهه ڪري رهيو آهي. طبي ماهرن جي مطابق، بيٺل ۽ گدلو پاڻي مڇرن جي افزائش جو مرڪز بڻجي مليريا ۽ ڊينگي جهڙين موذي بيمارين کي جنم ڏئي ٿو، جڏهن ته گندي پاڻي جو استعمال دست، گيسٽرو، هيپاٽائٽس ۽ ٽائيفائيڊ جهڙين بيمارين کي دعوت ڏئي رهيو آهي. ننڍا ٻار ۽ ڳورهاريون عورتون هن خطري جي وڪڙ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. پر انهن جي مناسب علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب حالتون خراب ٿي رهيون آهن،
‘ايل بي او ڊي’ (Left Bank Outfall Drain) سنڌ جي سڀ کان وڏي نيڪال (Drainage) واري منصوبي مان هڪ آهي، جنهن جو بنيادي مقصد زرعي زمينن مان کارو پاڻي، برساتي پاڻي ۽ لوڻياٺ واري پاڻي کي ڪڍي عربي سمنڊ تائين پهچائڻ هو، ته جيئن زمينن کي پاڻي بيهڻ (Waterlogging) ۽ لوڻياٺ (Salinity) کان بچائي سگهجي. پر وقت سان گڏ اهو منصوبو ڪيترن ئي فائدن سان گڏ سنگين ماحولياتي، سماجي ۽ صحت جي مسئلن جو سبب پڻ بڻيو آهي. اهو منصوبو آهي، جيڪو کاٻي ڪپ (Left Bank) وارن علائقن مان کارو ۽ بيٺل پاڻي سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ٺاهيو ويو. 1984ع ۾ عالمي بئنڪ (World Bank) ۽ ٻين ادارن جي مالي سهڪار سان منصوبي جي منظوري ڏني وئي. 1984ع کان 1997ع تائين ‘ايل بي او ڊي’ اسٽيج-1 تعمير ٿيو. منصوبي هيٺ شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن جي لڳ ڀڳ 12.7 لک ايڪڙ زرعي زمين کي پاڻي بيهڻ ۽ لوڻياٺ کان بچائڻ جو هدف رکيو ويو. جڏهن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ‘ايل بي او ڊي’ جو منصوبو تيار ٿي رهيو هو، تڏهن ڪجهه پاڪستاني انجنيئرن، ماحولياتي ماهرن ۽ عالمي ادارن جي صلاحڪارن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن هن نظام جي ڊزائن، سار سنڀال ۽ سمنڊ تائين محفوظ نيڪال تي مسلسل ڌيان نه ڏنو ويو ته مستقبل ۾ فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو.
هن نظام ۾سوين ننڍا وڏا نالا، اسپائنل ڊرين، ڪي پي او ڊي (ڪڍڻ- پٽيجي آئوٽ فال ڊرين)، ڊي پي او ڊي (ڍورو- پراڻ آئوٽ فال ڊرين) ٽائيڊل لنڪ شامل آهن، جيڪي پاڻي کي عربي سمنڊ ڏانهن منتقل ڪن ٿا، منصوبي جي شروعاتي سالن ۾ زمينن مان بيٺل پاڻي گهٽ ٿيو. ڪيترن علائقن ۾ فصلن جي پيداوار وڌي. زمينن جي لوڻياٺ ۾ گهٽتائي آئي. زرعي معيشت ۾ ڪجهه بهتري آئي. پر 1999ع واري سامونڊي طوفان ۽ بعد ۾ ايندڙ وڏين برساتن دوران ٽائيڊل لنڪ ڪيترن هنڌن تان ٽٽي ويو. بندن ۾ وڏا گهارا پيا. سمنڊ جو کارو پاڻي واپس زمينن ۾ اچڻ لڳو. ڪيترائي ڳوٺ مستقل پاڻي هيٺ اچڻ لڳا. ڪيترن علائقن ۾ ‘ايل بي او ڊي’ هڪ قدرتي درياهه جهڙي شڪل اختيار ڪري ويو. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪي ضلعا متاثر ٿيا، تن ۾ بدين، سجاول جا ڪجهه حصا، ٺٽي جا ساحلي علائقا، ميرپورخاص، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد شامل آهن.
ان سان ماحولياتي ۽ طبي نقصان به تمام گهڻو ٿيو آهي، جنهن ۾ زرعي نقصان ۾ هزارين ايڪڙ زمين ڪلراٺي ٿي وئي. پوک لائق نه رهي، پيداوار گهٽجي وئي. آبادگار تباهه برباد ٿي ويا. مٺي پاڻيءَ جون مڇيون گهٽجي ويون. ساحلي ماحول تبديل ٿيو. ڍنڍن ۽ ڍورن جو قدرتي نظام متاثر ٿيو. صحت تي تمام گهڻو اثر پيو. ‘ايل بي او ڊي’ جي ڀرپاسي جتي پاڻي مهينن تائين بيٺو رهي ٿو، اتي مڇرن، جراثيمن ۽ آلودگي ۾ واڌ سبب ڪيترين بيمارين جو خطرو وڌي وڃي ٿو. بيٺل پاڻي مڇرن جي افزائش لاءِ سازگار هوندو آهي، جنهن سبب مليريا جا ڪيس وڌي سگهن ٿا. جيڪڏهن بيٺل صاف يا نيم صاف پاڻي موجود هجي ته ڊينگي پکيڙيندڙ مڇر به وڌي سگهن ٿا. هيپاٽائيٽس اي بي، سي، ڪي جون بيماريون وڌي وينديون آهن. ناقص صفائي سبب ٽائيفائيڊ جا ڪيس وڌي سگهن ٿا. ان سان چمڙي جون بيماريون به وڌي وينديون آهن، جهڙوڪ الرجي، خارش، فنگس، ايگزيما شامل آهن. اهڙي پاڻي جي گڏ ٿي بيهڻ يا ان جي استعمال سان اکين جون بيماريون پيدا ٿي وينديون آهن. اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن. انفيڪشن وڌي ويندو آهي.
پاڻي ۽ ماحوليات جي ماهرن ان حوالي سان چيو آهي ته منصوبي جي اصل ڊزائن ۾ ڪجهه خاميون هيون. سامونڊي طوفانن ۽ موسمي تبديليءَ کي مڪمل طور نظر ۾ نه رکيو ويو، ان جي مناسب سار سنڀال ناهي لڌي وئي. قدرتي ڍورا ۽ پاڻي جا پراڻا وهڪرا بند ٿيڻ سان برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون. 1999ع، 2010ع، 2011ع، 2022ع ۽ پوءِ ايندڙ برساتن دوران، انهن مان ڪيترائي خدشا عملي طور سامهون آيا.
‘ايل بي او ڊي’ جي متاثر علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪيترن پاسن کان نقصان پهتو. بدين، ٽنڊو باگو، گولاڙچي، ماتلي، ڪڍڻ، تلھار ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي مهينن تائين بيٺو رهيو. ڪيترن خاندانن کي پنهنجا گهر ڇڏي ٻين شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. جڏهن زمين پوک لائق نه رهي ته هاري بيروزگار ٿيا. مالوندن جا جانور مري ويا. مقامي مارڪيٽون ڪمزور ٿي ويون. ماڻهن کي مزدوري لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڃڻو پيو. پاڻي بيهڻ سبب، ڪيترائي اسڪول بند رهيا. ٻار، خاص طور ڇوڪريون، تعليم ڇڏي ويون. ڪيترن علائقن ۾ اسڪول امدادي ڪئمپ بڻجي ويا. انهن علائقن جي ماڻهن ۾ ساهه جون بيماريون تمام گهڻيون آهن. برونڪائٽس، ٻارن ۾ نمونيا عام جام آهي. انسانن سان گڏ هزارين جانور ڍور ڍڳا مري ويا آهن، کير جي پيداوار گهٽجي وئي آهي. ڪيترن مالوندن جو روزگار ختم ٿي ويو آهي.
زمينون کاريون ٿيڻ سبب سمنڊ جو کارو پاڻي ۽ بيٺل پاڻي سبب، زمين جي زرخيزي گهٽجي وئي.، ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي. سارين جي پوک متاثر ٿي.ڪپهه ۽ ڪمند جي فصلن کي وڏو نقصان ٿيو. ڪيتريون زمينون سالن تائين پوک کان ٻاهر رهيون ماحولياتي ماهرن موجب قدرتي ڍورا ۽ ڍنڍون متاثر ٿيون. پکين جي رهائش گهٽجي وئي. مٺي پاڻي جون مڇيون گهٽ ٿيون. ساحلي حياتياتي نظام (Ecosystem) ۾ تبديليون آيون.
سياسي ۽ انتظامي تنقيد
ڪيترن اڳوڻن سرڪاري عملدارن، پاڻي جي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جو موقف رهيو آهي ته منصوبي جي سار سنڀال لاءِ ڪافي وسيلا نه ڏنا ويا. ڊرينن جي وقت سر کوٽائي ۽ صفائي نه ٿي. غيرقانوني قبضا ۽ رڪاوٽون هٽائڻ ۾ دير ٿي. برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ جامع حڪمت عملي تي مسلسل عمل نه ٿيو. انهيءَ سبب ڪيترائي مسئلا وقت سان گڏ وڌندا ويا. عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، ۽ ٻين جي فني جائزي ۾ اهو نڪتو بار بار سامهون آيو آهي ته رڳو ڊرين ٺاهڻ ڪافي ناهي. جيڪڏهن ان جي سار سنڀال، بندن جي مرمت، ٽائيڊل لنڪ جي بحالي ۽ موسمي تبديليءَ کي نظر ۾ رکندي نظام کي جديد نه بڻايو وڃي ته ٻوڏ، پاڻي بيهڻ، زرعي نقصان ۽ صحت جا خطرا وڌندا رهندا. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته LBOD پاڻ بيماري پيدا نٿو ڪري، پر ان جي غير محفوظ نيڪال ۽ سار سنڀال جي کوٽ اهو ماحول ٺاهي ٿي، جتي بيماريون بي روڪ ٽوڪ وڌنديون رهن ٿيون. جيستائين بيٺل پاڻي جو مستقل حل نه لڌو ويندو، تيستائين بدين، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جي عوام جي صحت مسلسل خطري ۾ رهندي ۽ اهو خطرو صرف زمين تائين محدود نه، پر ايندڙ نسلن تائين پکڙجي سگهي ٿو.