ايل بي او ڊي سميت نالن جي کاٽي نه ٿي: بدين ۽ ميرپورخاص ۾ ٻيهر ٻوڏ جو خطرو

جُولاءِ 7, 2023

ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ايل بي او ڊي سم نالي سميت ٽنڊوباگو تعلقي جي مختلف سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري ايندڙ برساتن ۾ بدين ضلعي جي ٻن تعلقن ۽ مير پور خاص ضلعي جي نئون ڪوٽ ۽ جهڏي جي ٻيهر ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو

ايل بي او ڊي ذريعي زھريلي پاڻي کي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ايل بي او ڊي ڪڍيو ويو. 4500 ڪيوسڪ گنجائش واري  سم نالي ۾ واڌو پاڻي اچڻ  ڪري 2010ع جي برساتي ٻوڏ  دوران بدين ضلعي ٽنڊوباگو، بدين سميت ميرپورخاص ضلعي جي جھڏو، ڊگھڙي ۽ نئون ڪوٽ جي ٻھراڙي وارن علائقن جي ٻڏڻ سبب ھزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا اجھا ڇڏي دربدر ٿيا، ان کان علاوه لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا

 ان کان اڳ 1999 جي طوفان ۾ سم نالي جا بند ٽٽڻ سبب بدين جو اڌ علائقو ٻڏي ويو هو، جڏهن ته سال 2022 جي برساتي ٻوڏن دوران بدين، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ سانگھڙ، خيرپور، نوابشاھ سميت سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ وارا ضلعا برساتي پاڻي جو نيڪال نه ھجڻ ڪري ٻڏي ويا جنهن ڪري لکين ايڪڙن تي بيٺل ساريال، ڦٽي، مرچن، ٽماٽن جا فصل تباهي جي ور چڙهي ويا

 ھر سال برساتن دوران پاڻي جو مقدار گنجائش کان وڌيڪ ٿيڻ ڪري بدين، سانگھڙ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعن اڪثر علائقا ٻڏڻ معمول بڻيل آهي. گذريل سال بندن کي پيل گھارا بند نه ٿي سگهيا آهن

 جڏهن ته برساتن کان اڳ ايل بي او ڊي جي گنجائش وڌائڻ لاءِ ڪابه منصوبابندي نه ٿيڻ ۽ ڪارخانن جو زھريلو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇڏڻ ڪري علائقي واسين جون توڙي چوپائي مال ۽ آبي جيوت جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن

 واضح هجي ته ايل بي او ڊي جي مک سم نالن اسپائينل آئوٽ فار ڊرين جي آر ڊي 159 وٽان نڪرندڙ ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين  (ڪي پي او ڊي ) ۽ ڍورو پراڻ آئوٽ فال ڊرين (ڊي پي او ڊي ) جي گنجائش 2000  ڪيوسڪ ھجڻ سبب ايل بي او ڊي جي مک سم نالي کي آر ڊي 288 ۽ آر ڊي 287 وٽان 2020ع  ۽ جھڏو وٽان پراڻ ڍورو ۾ 2022 جي برساتي ٻوڏ دوران گھارا پوڻ سبب ضلع ميرپورخاص جي تعلقي جھڏي ۽ شھر نئون ڪوٽ جي سوين ڳوٺن، قديم ماڳن ۾ پاڻي داخل ٿيو ۽ ضلع بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي جي يونين ڪائونسلن ولي محمد ملڪاڻي، سمن سرڪار، خيرپور گنبو، پنگريو، پير بودلو جا 300 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا هئا. ان جي باوجود ايل بي او ڊي سميت لاڳاپيل سم نالن جي کاٽي نه ٿي سگهي آهي

Leave A Comment