اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اوگرا اڄ کان ايل پي جي جا اگهه گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد ايل پي جي في ڪلو 19 رپيا سستي ٿي وئي آهي
اوگرا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ کان ايل پي جي في ڪلو 19 روپيا 46 پئسا سستي ڪئي وئي آهي، ايل پي جي جو 11.8 ڪلوگرام وارو سلينڊر 229 روپيا 54 پئسا ٿي ويو آهي
ايل پي جي گهريلو سلينڊر جو نئون اگهه 2 هزار 92 روپيا 13 پئسا مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ايل پي جي في ڪلو 165 رپيا ٿي وئي آهي