ايمان مزاري ۽ هادي چنا تڪراري ٽوئيٽ ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل

ايمان مزاري ۽ هادي چنا تڪراري ٽوئيٽ ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل، قلم  342 جو بيان جمع ڪرائي ڇڏيو. اسلام آباد جي مقامي عدالت جوابدارن جون ٽئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا خلاف هلندڙ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل مجوڪه محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي جوابدارن طرفان داخل ڪرايل بريت، ٻيهر جرح ۽ اسٽيٽ ڪائونسل بابت  رد ڪري ڇڏيون. جنهن کان پوءِ عدالت جوابدارن کان قلم 342 تحت بيان طلب ڪري ورتو ۽ انهن کي ٻئين وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته وڪيل شير افضل مروت جوابن لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي پر جج فوري جواب ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڪلهه تاريخ ڏئي ڇڏيان ٿو. ٻڌڻي دوران عدالت ٻاهران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهي.