ايمان مزاري ۽ هادي چٺه ٽوئيٽس ڪيس ۾ شاهد تي جرح مڪمل

ايمان مزاري ۽ هادي چٺه ٽوئيٽس ڪيس ۾ شاهد تي جرح مڪمل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه خلاف تڪرار ٽوئيٽس بابت ڪيس ۾ استغاثه جي گواهه انيس الرحمن تي هادي علي چٺا طرفان تفصيلي جرح مڪمل. ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڪئي. ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا عدالت ۾ پيش ٿيا. استغاثه جي گواهه انيس الرحمن تي هادي علي چٺه طرفان جرح جي شروعات ڪئي وئي. جرح دوران انيس الرحمن ٻڌايو ته اُن جي تعليم ايم فل ڪمپيوٽر سائنس آهي، هن ڊپارٽمينٽل ٽريننگ سان گڏ پيڪا ايڪٽ، سائبر ڪرائم ۽ سي آر پي سي بابت ورڪشاپس ڪيون آهن، جڏهن ته جبري گمشدگين جي ڪيسن بابت ڪا به سکيا حاصل نه ڪئي آهي. مون کي ياد ناهي ته هن توهين مذهب جي ڪيترن ڪيسن ۾ رپورٽون تيار ڪيون آهن. گواهه مطابق منهنجي ڄاڻ مطابق سڀئي تڪراري ٽوئيٽس رياست مخالف ۽ ڪالعدم تنظيمن جي بيانيي تي مبني هئا، البته هڪ ٽوئيٽ بابت هن تسليم ڪيو ته ان ۾ ٽي ٽي پي يا بي ايل اي جو نالو سڌي طرح درج نه هو، پر بيانيه ساڳيو ئي هو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.