ايمان مزاري 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، ضمانت لاءِ درخواست داخل

آگسٽ 29, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار ٿيل ايمان مزاريءَ حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

درخواست ۾ چيو ويو ته ٻن ڪيسن ۾ ضمانت بعد ايمان مزاريءَ کي ٽئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ايمان مزاري هڪ کان پوءِ ٻئي ڪيس ۾ گرفتارين کي منهن ڏئي رهي آهي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ايمان مزاريءَ کي حفاظتي ضمانت ڏني وڃي جيئن گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري سگهجي

درخواست ۾ چيو ويو ته ايمان مزاري ڪيسن جي جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهي، عدالت ايف آءِ اي ۽ ٻين صوبائي ادارن کي به ايمان مزاريءَ کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي

درخواست ۾ ايمان مزاري خلاف سڄي ملڪ ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي به استدعاڪئي وئي، درخواست ۾ گھرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، سپرنٽينڊنٽ اڊيالاجيل ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو

هوڏانهن ايمان مزاري کي اي ٽي سي جج ابوالحسنات جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جج پاران ايمان مزاري کي پنهنجي والده شيرين مزاري سان ملاقات جي اجازت ڏني، باقي ٻين  ماڻهن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو

عدالت ايمان مزاري کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، باره ڪهو ٿاڻي جي پوليس ايمان مزاري کي جوڊيشل ڪمپليڪس مان واپس وٺي وئي

Leave A Comment