ايمباپي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو

 ايمباپي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو

واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) ايمباپي هاڻي ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجي چڪو آهي فرانس جي اسٽار فٽبالر ڪائلين ايمباپي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ هڪ ٻيو يادگار ڪارنامو سرانجام ڏيندي ڪيترائي تاريخي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن. سوئيڊن خلاف پري ڪوارٽر فائنل ۾ 0-3 تان فتح دوران ايمباپي ٻه گول اسڪور ڪيا، جنهن کانپوءِ هو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو ٻيو نمبر ڪامياب ترين گول اسڪورر بڻجي ويو آهي. 27 سالن جي ايمباپي جا ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي گولن جو انگ 18 ٿي ويو آهي، جنهن سان هن جرمني جي ميروسلاو ڪلوزي کي پٺتي ڇڏي ڏنو. هن بطور يورپي رانديگر فيفا ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي هو صرف ليونل ميسي جي 19 گولن کان هڪ گول پٺتي آهي. ان کان علاوه گول ۽ اسسٽس (گول ڪرڻ ۾ مدد) ملائي سندس مجموعي شراڪت 22 تائين پهچي وئي آهي، جنهن سان هن برازيل جي عظيم رانديگر پيلي کي به پٺتي ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ ميسي 27 شراڪتن سان سڀ کان اڳڀرو آهي. ايمباپي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پنهنجي ڏهين ورلڊ ڪپ گول سان برازيل جي رانالڊو نازاريو جو تاريخي رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. هو هاڻي ورلڊ ڪپ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجي چڪو آهي. موجوده ٽورنامينٽ ۾ ايمباپي جا ڇهه گول ۽ ٻه اسسٽس آهن، جنهن جي مدد سان هو گولڊن بوٽ جي ڊوڙ ۾ به سڀ کان اڳتي آهي. عثمان ڊيمبيلي سان گڏ سندس شاندار پارٽنرشپ به هن ورلڊ ڪپ جي سڀ کان ڪامياب جوڙي ثابت ٿي رهي آهي.