زندہ قومون ادارا ڄڻينديون آھن، ادارا نپائينديون آھن، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته سنڌ جي منتظمين کي ادارا ڀانء ناھن پوندا. صرف اھي ئي ادارا سندن مزاج وٽان آهن، جيڪي سوئا مينھن مثل ھجن، جنھن جي ٿڻن مان نڪتل گوھا انھن جي وات ۽ زبان کي تارونءَ تائين سيراب ڪندا رھن. باقي ڪو ادارو قوم لاءِ ڪيترو مفيد آهي، اھو انھن جو مسئلو ناهي. اھي پنھنجي نااهليءَ سان ادارن کي قتل ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندا آھن. قتل رڳو ماڻھو ناھن ٿيندا، قتل ادارا به ٿيندا آهن. ڪنھن ماڻھوءَ جي قتل سان ان جا ٻچا يتيم ٿي ويندا آھن، زال بيواه ٿي ويندي آھي، ماءُ پيءُ کان انھن جي پيرسنيء جو سھارو کسجي ويندو آهي، پر ڪنھن اھم اداري جي “قتل” سان سڄي قوم يتيم ٿي ويندي آھي، ۽ جي اھو ادارو “عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ” (ايمبل) ھجي ته رڳو قوم ئي يتيم ناهي ٿيندي، ٻولي به اناٿ ٿي ويندي آھي. ان کان به وڌيڪَ افسوسناڪ پاسو اھو آھي ته اھو قتل به انھن ھٿان ٿئي، جيڪي پنھنجا آھن، جن تي اھڙي اھم اداري جي سرپرستيءَ جي ذميواري آھي، ۽ اھي ٻوليءَ جي جيئاپي لاءِ ذميوار ھن اھم اداري جي مالي ۽ معاشي ناڪابندي ڪري، پھرين ان کي وينٽيليٽر تي آڻين ۽ پوءِ ان اداري جي ساھ جي سڳي ٽٽڻ جو انتظار ڪن ٿا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل دنيا ۾ آڻيندڙ ھن اداري کي پنھنجي لاءِ سوئا مينھن بڻائين ته جيئن ان جي ٿڻن مان نڪتل گرم کير جا گوھا سندن زبان ۽ وات کي تارونءَ تائين سيراب ڪندا رھن.
ڪنھن ھنڌ پڙھيو ھئم ته تبت ۾ ڪيلاش پھاڙ جي دامن وٽان مانسرور ڍنڍ مان هڪ ننڍڙي ندي نڪري ٿي. اتي جا مقامي ماڻهو ان کي “سنگي کاباب” چون ٿا. اها ئي ندي مختلف نالن سان سڏجندي جڏهن پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿي ته سنڌو درياهه سڏجي ٿي.
اهو ئي سنڌو توهان کي آمريڪي ماهرِ نفسيات، محقق انجيلا لي ڊڪ ورٿ جي سوچ سمجهائي سگهي ٿو، جنهن کي هوءَ “Grit” چوي ٿي. اصل ۾ هن لفظ لاءِ ڪو اهڙو تز لفظ موجود ناهي جيڪو ان جي روح کي صحيح نموني بيان ڪري سگهي. ڇو ته Grit به ان ننڍڙي نديءَ وانگر آهي، جيڪا جبلن مان اهو “سوچيندي نڪري ٿي ته مون کي سمنڊ بڻجڻو آهي”. ان کي ڪو فرق نٿو پوي ته ڪير ان کي ڪهڙي نالي سان سڏي ٿو، يا ڪير ان سان ڪيئن ورتاءُ ڪري ٿو. جيڪڏهن اڳيان جبل اچي ته اها ان کي ڪٽڻ شروع ڪري ٿي، ڀلي صديون لڳي وڃن. جيڪڏهن پٿر هجن ته انهن کي گهلي ويندي آهي. جيڪڏهن ميدان هجن ته ڦهلجي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪو ان ۾ پنهنجو گند ۽ آلودگي وجهي ڇڏي ته به اها بيھي ان لاءِ قانوني ڪيس نٿي وڙهي. اها سڀ ڪجهه پنهنجي دامن ۾ سميٽي وهندي رهي ٿي، جيستائين سمنڊ تائين نه پهچي. سنڌ ۾ ان Grit جو ھڪڙو نالو آھي امر فياض ٻرڙو….. “ايمبل” جو آرڪيٽيڪٽ. … جنھن جي سوڀ جي سمنڊ تائين پھچڻ کان اڳ ئي راھ روڪي وئي آهي. “ایمبل” جي ان آرڪيٽيڪٽ کان “ایمبل” جي عشق ۾ سندس گھر به وسري ويو ھو. مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جڏهن پرنسٽن يونيورسٽي ۾ ڪم ڪندو هو، تڏهن هڪ ڏينهن واپسيءَ تي گهر جو رستو ڀُلجي ويو. هن هڪ ٽيڪسي روڪي ۽ ڊرائيور کي چيو: “ڇا توکي البرٽ آئنسٽائن جي گهر جو پتو آهي؟” ٽيڪسي ڊرائيور وراڻيو: “شهر ۾ ڪير آھي جنھن کي البرٽ آئنسٽائن جي گهر جي خبر نہ هجي! ڇا تون ان سان ملڻ وڃي رهيو آهين؟” آئنسٽائن چيو: “ها،…. مان پاڻ آئنسٽائن آهيان ۽ پنهنجي گهر جو پتو وساري ويٺو آهيان.” اڄ آئنسٽائن جيان امر فياض کي به پنهنجي وسري ويل گھر جو پتو ياد اچي ويو آهي، ۽ ھن پنھنجي ئي جوڙيل اداري “ایمبل” کي الھہ توھار چئي ڇڏيو آهي.
ان عشق جي انداز کي واقعي به سمجھڻ ڏکيو آهي، جڏھن “ايمبل” جو سرجڻهار پنھنجي گاڏي ۽ گھرواريءَ جو سون وڪڻي به اداري کي ھلائي ٿو. ان باوجود به سندس رستي روڪ ڪئي وڃي ٿي، کيس ڌمڪيون ملن ٿيون. ناچڻين تان نثار ٿيندڙ ڪلچر کاتي جا منتظمين انھن لاءِ عوامي ٽيڪسن جي ناڻي جون خرزينون ڀري کڻي ٿا اچن، پر ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي وٺي ايندڙ ھڪ اھم اداري جي بيمثال ترقي لاءِ وٽن ڪوڏي ۽ ڪسيرو به ناهي. آئون نرت ڪلا کي به ڪلچر ۽ آرٽ ٿو سمجھان ۽ پر اھو ٻوليءَ کي جيئاريندڙ اداري جي موت جي قيمت تي نه ھجڻ گھرجي. ڪلچر لفظ وسيع معنا ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪلچر جو مطلب صرف ميلا ناھن. ڪلچر ڊپارٽمينٽ ميلي کاتي جي سڃاڻپ تائين محدود ٿي ويو آهي. وينٽيليٽر تي پيل سنڌ جي ھن اھم اداري کي بچائڻو آهي. اداري کي ڄڻيندڙ ۽ نپائيندڙ کي واپس آڻڻو آهي. ٻوليءَ تي سيڙپڪاري ڪرڻي آھي ۽ معذرت ڪندي چوڻو آهي ته، “مڙيئي مون ڏانهن، ھوتن ڏانهن نه ھيڪڙي“. ھڪڙي وينتي اسان به ڪريون ٿا: “ايمبل” جا آرڪيٽيڪٽ! اداري کي بچائڻو آهي.