بمباري ۾ وڌيڪ 100 فلسطيني شهيد، اسرائيل ۽ حماس ۾ اڄ کان جنگبندي
نومبر 23, 2023
غزه/ تل ابيب(م ڊ) اسرائيل حماس سان عارضي جنگبندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسرائيل حماس سان عارضي جنگبندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، چئن ڏينهن جي جنگبندي معاهدي تحت فلسطيني ۽ اسرائيلي قيدين جي ڏي وٺ ٿيندي، عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ ۾ 4 ڏينهن جي وقفي تي اتفاق جو معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن تحت فلسطيني مزاحمت گروپ 7 آڪٽوبر کان يرغمال بڻايل ماڻهن کي آزاد ڪندو، جنهن ۾ 50 عورتون ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو، اسرائيل 150 فلسطيني ڇڏيندو، جنگبندي معاهدي تحت تيل جي فراهمي ۽ امداد ي سامان سان ڀريل ٽرڪن کان ڇڏڻ جي اجازت هوندي، 7 آڪٽوبر کان غزا پٽي ۾ اسرائيل جي حملن ۾ 14هزار 128 فلسطيني شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن، غزه مڪمل طور تباهه بڻيل آهي، اسپتالن تي حملا ڪيا ويا، سوين معصوم ٻار به شهيد ٿي چڪا آه، ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته امريڪي صدر جوبائيڊن جي مدد سان عارضي جنگ بندي ۽ حماس وٽ قيد ڏيڍ سئو يرغمالين جي آزادي جي معاهدي تي پهتا آهن پر اسرائيل پنهنجو مشن جاري رکندو ان ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي. هوڏانهن عارضي جنگ بندي معاهدي باوجود غزه ۾ اسرائيل جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، يهودي فوج محفوظ راهداري قرار ڏنل صلاح الدين اسٽريٽ وٽ زخمين کي کڻي ويندڙ ايمبولينس تي ميزائل حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنگ دوران هن وقت تائين شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 14100 ٿي ويو جڏهن ته 34 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف غزه ۾ زميني آپريشن دوران هڪ وڌيڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو، مارجي ويل يهودي فوجين جو تعداد 69 ٿي ويو آهي. .