ايمرجنسي سروسز اٿارٽي جي منظوري: فائر برگيڊ 1122 ۾ ضم: 30 ارب منظور 

ايمرجنسي سروسز اٿارٽي جي منظوري: فائر برگيڊ 1122 ۾ ضم: 30 ارب منظور 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه  هنگامي خدمتن ( ايمرجنسي سروسز) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه ٿيل  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين اپريل تائين سڄي صوبي ۾122 ٽيمن ذريعي 3340 عمارتن جو فائر سيفٽي آڊٽ ڪيو ويو، جيڪو مليل حدف 2,368 کان وڌيڪ آهي. آڊٽ جي نتيجن مطابق حفاظتي معيار تي پورو لهندڙ عمارتن جو تعداد وڌي 1,328 (43 سيڪڙو) ٿي ويو، جڏهن ته وڌيڪ خطرناڪ عمارتن جي شرح فيبروري ۾ 33 کان گهٽجي 22 سيڪڙو رهجي وئي، اجلاس  کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪيترين ئي خطرناڪ عمارتن کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته  فائر سيفٽي قانونن تي عمل لاءِ 3,000 کان وڌيڪ نوٽيس جاري ڪيا ويا. وڏي وزير عوامي تحفظ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انساني جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اوليتي ذميواري آهي، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته فائر سيفٽي قانونن تي سختي سان عملدرآمد، باقاعده معائني ۽ خطرناڪ عمارتن ۾ اصلاحي قدم يقيني بڻايا وڃن. اجلاس ۾ فائر ۽ ايمرجنسي سروسز جي نئين سر جوڙجڪ ۽ مضبوطي لاءِ 30.8 ارب رپين جي مالي منصوبي جي منظوري ڏني وئي. انهي رٿا هيٺ باهه وسائڻ لاءِ 100 فائر ٽينڊرز، اسنارڪلز، ايريل ليڊرز، ڊرونز، فائر بائيڪس، آل ٽيرين وهيڪلز، ريسڪيو اوزار جهڙوڪ ٿرمل اميجنگ ڪيميرائون، بريڊنگ آپريٽس ۽ لائف ڊٽيڪشن سسٽم پڻ حاصل ڪيا ويندا. منصوبي ۾ نوان فائر اسٽيشن تعمير ڪرڻ ۽ ريسڪيو 1122 اڪيڊمي جي قيام کي به شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن تربيت ۽ ادارتي صلاحيت کي بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ڪاميٽي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي سنڌ ۾ ايمرجنسي سروسز لاءِ خودمختار اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، ريسڪيو 1122 ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) نئين اٿارٽي جي آپريشنل ونگز طور ڪم ڪندا. نئين ڍانچي تحت مڪاني ادارن جي فائر سروسز کي آپريشنل سطح تي ريسڪيو 1122 ۾ ضم ڪيو ويندو، جڏهن ته خريداري، تربيت ۽ پاليسي سان لاڳاپيل معاملن جو مرڪزي ڪنٽرول ڊائريڪٽر جنرل ريسڪيو 1122 وٽ هوندو. ڪاميٽي سول ڊفينس جي ڪمن ايمرجنسي هيلٿ سروسز ۽ معاوضي واري نظام کي به هڪ ئي نظام تحت آڻڻ جي سفارش ڪئي ته جيئن آفتن دوران رابطي کي بهتر بڻائي سگهجي. وڏي وزير نئين نظام کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ جامع قانوني فريم ورڪ تيار ڪرڻ واسطي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪاميٽي جي قيام جي به منظوري ڏئي ڇڏي